پاڪستان دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن ۽ مالي مدد ڪندڙن کي به انجام تائين پهچائيندو: مرتضيٰ سولنگي اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) صدارتي ترجمان مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته غير قانوني افغان طالبان حڪومت پاڪستان جي عالمي امن ساز جي حيثيت کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ پنهنجي سرزمين تان دهشتگردن کي اسان جي شهرين ۽ بهادر فوجين تي حملا ڪرڻ لاءِ موڪلي رهي آهي ته جيئن مودي ۽ …
پاڪستان دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن ۽ مالي مدد ڪندڙن کي به انجام تائين پهچائيندو: مرتضيٰ سولنگي
اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) صدارتي ترجمان مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته غير قانوني افغان طالبان حڪومت پاڪستان جي عالمي امن ساز جي حيثيت کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ پنهنجي سرزمين تان دهشتگردن کي اسان جي شهرين ۽ بهادر فوجين تي حملا ڪرڻ لاءِ موڪلي رهي آهي ته جيئن مودي ۽ نيتن ياهو کي خوش ڪري سگهجي. سومر ڏينهن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته شايد اهي سمجهن ٿا ته پاڪستان خاموش رهندو يا انهن جا سرپرست انهن کي بچائي وٺندا. پاڪستان نه رڳو دهشتگردن کي انهن جي انجام تائين، يعني جهنم تائين پهچائيندو پر انهن جي سرپرستن ۽ مالي مدد ڪندڙن کي به ساڳئي انجام تائين پهچائيندو. صدارتي ترجمان چيو ته اسان دهشتگردي کي شڪست ڏينداسين ۽ ان سان گڏ دُنيا جي امن ساز طور پنهنجو ڪردار به جاري رکنداسين.










