صدر آصف علي زرداري پاران ڪراچي ۾ پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي ڪيمپ تي دهشتگرد حملي جي مذمت

اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪراچي ۾ پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي ڪيمپ تي ڀارتي پراڪسي جماعت الاحرار جي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. آچر تي ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر حملي ۾ شهيد ٿيل پاڪستان رينجرز جي ٽن جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر مملڪت آصف …

اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪراچي ۾ پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي ڪيمپ تي ڀارتي پراڪسي جماعت الاحرار جي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. آچر تي ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر حملي ۾ شهيد ٿيل پاڪستان رينجرز جي ٽن جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قوم پنهنجن بهادر سپاهين جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. هن چيو ته پرڏيهي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد عنصرن جا ناپاڪ عزم ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. صدر مملڪت چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردي خلاف پنهنجي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون. صدر مملڪت شهيدن جي ڪٽنب ڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمي اهلڪارن جي جلدي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

مزید خبریں