اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي ڪيمپ تي فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان رينجرز جي جوانن فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي ناپاڪ عزم ناڪام بڻائي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيت، بهادري ۽ فرض شناسي جو مظاهرو ڪيو. آچر تي وزيراعظم …
وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪراچي ۾ فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي ڪيمپ تي فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان رينجرز جي جوانن فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي ناپاڪ عزم ناڪام بڻائي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيت، بهادري ۽ فرض شناسي جو مظاهرو ڪيو. آچر تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم چيو ته ٽن دهشتگردن کي ماري ۽ هڪ کي زنده گرفتار ڪري سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندوستان جي جارحاڻن عزمن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته آپريشن دوران وطن تي پنهنجي جان قربان ڪندڙ شهيدن کي سموري قوم سلام پيش ڪري ٿي، سندن قربانيون هميشا ياد رکيون وينديون. وزيراعظم دعا ڪئي ته شهيدن جي ڪٽنب ڀاتين کي الله تعاليٰ صبر عطا ڪري، اسان سندن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن آپريشن دوران زخمي ٿيلن جي جلدي صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته شهيدن جو رت ضايع نه ٿيندو، دهشتگردي جي هر فتني جو پوري قوت سان خاتمو ڪيو ويندو. فتنه الهندوستان ۽ ان جا سرپرست پنهنجي ناپاڪ عزم ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. وزيراعظم چيو ته قوم پنهنجي بهادر هٿياربند فوج، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين اسانجي جدوجهد پوري قوت ۽ عزم سان جاري رهندي.











