نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي يورپي يونين جي اعليٰ نمائندہ ڪاجا ڪالاس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 28 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت اعليٰ نمائندہ ڪاجا ڪالاس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي معاملن جي وزارت پاران آچر تي جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ تيزي سان بدلجندڙ صورتحال جو جائزو ورتو. ڪاجا ڪالاس اسلام آباد مفاهمتي ياداشت کي مڪمل ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مخلصاڻي …

اسلام آباد- 28 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت اعليٰ نمائندہ ڪاجا ڪالاس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي معاملن جي وزارت پاران آچر تي جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ تيزي سان بدلجندڙ صورتحال جو جائزو ورتو. ڪاجا ڪالاس اسلام آباد مفاهمتي ياداشت کي مڪمل ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مخلصاڻي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو، تنهن هُوندي به جنگ بندي جي تازين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سڀني ڌرين جي وچ ۾ رابطي ۽ ڳالهه ٻولهه جا ذريعا هر صورت ۾ کليل رهڻ گهرجن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي کي وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ جوڙڻ جي حوالي سان پاڪستان جي مسلسل سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن اهو به زور ڏنو ته سڀئي ڌريون جنگ بندي جي معاهدي جي مڪمل پاسداري ڪن. ٻنهي اڳواڻن گڏيل رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں