اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪيمپ آفيس تي ٿيل دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي بزدلاڻي ۽ نفرت جوڳي ڪارروائي قرار ڏنو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان آچر تي جاري بيان ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي هر ناپاڪ ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويندو. هن چيو …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران ڪراچي ۾ رينجرز ڪيمپ تي حملي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪيمپ آفيس تي ٿيل دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي بزدلاڻي ۽ نفرت جوڳي ڪارروائي قرار ڏنو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان آچر تي جاري بيان ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي هر ناپاڪ ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويندو. هن چيو ته اسانجي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جي خاتمي ۽ ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ بي مثال قربانيون ڏئي رهيا آهن ۽ سموري قوم هنن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. سيد يوسف رضا گيلاني حملي ۾ شهيد ٿيلن جي درجن جي بلندي، زخمين جي جلدي ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ سموري قوم ڏکويل خاندانن سان گڏ بيٺل آهي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي ۽ پاڪستان جي امن ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ قومي سطح تي گڏيل ڪوششون پوري قوت ۽ عزم سان جاري رکيون وينديون.










