ڪراچي - 27 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ خلاف دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي، ته پاڪستان اڄ دنيا ۾ امن جي علمبردار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي پرخلوص ٽياڪڙي وارين ڪوششن جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تاريخي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ٿيون، دشمن اسان جي امن ۽ استحڪام …
پاڪستان سمورن حل طلب مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي پاليسي تي عمل پيرا آهي، هٿياربند فوج پرڏيهي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ ڪوششن ۾ آهي، سموري قوم هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي: وزيراعظم شهباز شريف
ڪراچي – 27 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ خلاف دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي، ته پاڪستان اڄ دنيا ۾ امن جي علمبردار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي پرخلوص ٽياڪڙي وارين ڪوششن جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تاريخي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ٿيون، دشمن اسان جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ لاءِ بزدلاڻا حربا ۽ پنهنجا حمايتي استعمال ڪري رهيو آهي، هٿياربند فوج پرڏيهي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ ڪوششن ۾ آهي، سموري قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، پاڪستان سمورن حل طلب مسئلن جي حل لاءِ امن، ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي پاليسي تي عمل پيرا آهي، خطي جي بدلجندڙ صورتحال عالمي معيشت ۽ عالمي سپلاءِ چين لاءِ ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي اهميت کي اڳ کان وڌيڪ اجاگر ڪيو آهي، اڄ آزاداڻي سامونڊي اچ وڃ ۽ جهاز راني جي آزادي پوري دنيا جي بنيادي ضرورت بڻجي چڪي آهي، حڪومت پاڪ بحريه کي وڌيڪ مضبوط موثر ۽ جديد دفاعي فورس بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن هتي پاڪستان نيول اڪيڊمي پي اين ايس رهبر ۾ 125 مڊشپ مين ۽ 33هين شارٽ سروس ڪميشن ڪورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاالله تارڙ، سنڌ جو گورنر، وڏو وزير، پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر به موجود هئا. تقريب ۾ پهچڻ تي پاڪ بحريه جي سربراهه ايدمرل نويد اشرف وزيراعظم جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، وزيراعظم پريڊ جو معائنو ڪيو. وزيراعظم اعليٰ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ڪيڊٽس ۾ اعزاز به ورهايا، مڊشپ مين عمر مختار کي مجموعي بهترين ڪارڪردگي تي اعزازي شمشير سان نوازيو ويو، آفيسر ڪيڊٽ حافظ محمد احمد منور کي چيف آف ڊفينس فورسز گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو. اڪيڊمي ڊرڪ مڊشپ مين جو اعزاز هادي عباس خان جي حصي ۾ آيو، شارٽ سروس ڪميشن ڪورس جي آفيسر ڪيڊٽ الويرا حمزه کي ڪمانڊنٽ گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو. تقريب ۾ ڪيڊٽ آفيسرن کان پيشواراڻو حلف ورتو ويو جڏهن ته پاڪ بحريه جي هيليڪاپٽرن ۽ سامونڊي جهازن سلامي پيش ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ شرڪت تي کيس خوشي ٿي آهي، سمورن پاس آئوٽ ٿيل ۽ اعزاز حاصل ڪندڙ ڪيڊٽس کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو. وزيراعظم چيو ته مون کي خوشي ٿي آهي ته پاس آئوٽ ٿيلن ۾ برادر ملڪن ترڪيه، بحرين، بنگلاديش، عراق، سريلنڪا ۽ جبوتي سان تعلق رکندڙ ڪيڊٽس به شامل آهن. مون کي اميد آهي ته ان بهترين تربيتي مرڪز مان حاصل ٿيندڙ علم، تربيت ۽ پيشيواراڻي مهارت سندن لاءِ پوري ڪيريئر دوران انتهائي فائديمند ثابت ٿيندي ۽ هو پنهنجي پنهنجي ملڪن جي بحريه جي پيشيواراڻي سرگرمين ۾ اثرائتي طريقي سان حصو وٺي سگهندا، سڀ کان اهم ڳالهه هي آهي ته هتي تربيت دوران انهن جون خوشگوار يادون، دوستي ۽ تعلق اسان جي دوست ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. وزيراعظم چيو ته تقريب ۾ پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس جا خاندان ۽ دوست به موجود آهن انهن جون دعائون، حمايت ۽ تعاون اوهان جي ڪاميابين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ جڏهن اوهان پاڪ بحريه ۾ فخر لائق ڪيريئر جي شروعات ڪري رهيا آهيو ته هو اوهان لاءِ هڪ عظيم طاقت رهندا. وزيراعظم اڪيڊمي ۾ تربيت جي اعليٰ معيار جي فراهمي، ڊسيپلين جي قيام ۽ مثالي ليڊرشپ کي يقيني بڻائڻ تي اڪيڊمي جي ڪمانڊنٽ، فيڪلٽي ۽ ٽريننگ اسٽاف کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته مون کي اعتماد آهي ته ڪميشن حاصل ڪندڙ آفيسرز نه رڳو پنهنجو پاڻ علم ۽ مهارت مان فائدو کڻندا پر جرئت ۽ بهادري ۽ مقابلي جي جذبي سان سرشار رهندا جيڪو مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل هوندو ۽ پنهنجي پنهنجي بحريه جي شاندار روايتن کي برقرار رکندا. وزيراعظم چيو ته هو هن اڪيڊمي ۾ اهڙي موقعي تي خطاب ڪري رهيو آهي جڏهن عالمي سطح تي وڏيون تبديليون ظاهر ٿي رهيون آهن، جيڪي اسان جي زندگين تي اهڙا اثر ڇڏي رهيون آهن جن جو پهرين ڪڏهن به تصور نه ڪيو ويو هو. وزيراعظم چيو ته اڄ پاڪستان کي فخر آهي ته هو الله جي فضل و ڪرم سان دنيا ۾ امن جي علمبردار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڀائر ۽ دوست ملڪن جي تعاون سان پاڪستان جي پرخلوص ٽياڪڙي وارين ڪوششن جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تاريخي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ٿيون آهن، جنهن تي مون کي به ٽياڪڙ طور صحيحي ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. وزيراعظم امن جي قيام لاءِ ڏينهن رات اڻٿڪ ڪوششن ۽ڌرين کي امن ۽ هم آهنگي جي رستي تي آڻڻ لاءِ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان وٽ پاڪستان جي تازي دوري سان نه رڳو پاڪستان ۽ ايران جي ڀائراڻن لاڳاپن جي عڪاسي ٿئي ٿي پر هي خطي ۾ امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جو به اعتراف آهي. وزيراعظم چيو ته خطي جي بدلجندڙ صورتحال عالمي معيشت ۽ عالمي سپلاءِ چين لاءِ ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي اهميت جي حقيقت کي اڳ کان وڌيڪ اجاگر ڪيو آهي. اڄ آزاداڻي سامونڊي اچ وڃ ۽ جهاز راني جي آزادي هڪ سهولت ئي نه پر پوري دنيا جي بنيادي ضرورت بڻجي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت پاڪ بحريه کي وڌيڪ مضبوط، موثر ۽ جديد دفاعي فورس بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي جيڪو نه رڳو اسان جي قومي دفاع کي يقيني بڻائڻ جي موثر صلاحيت رکي ٿو پر وسيع بنيادن تي ميري ٽائيم ريجن ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهي، پاڪ بحريه حق جي ويڙهه، آپريشن بنيان مرصوص ۾ پنهنجي صلاحيتن جي هاڪ مڃرائي، ۽ پنهنجي سامونڊي سرحدن جو تحفظ ڪندي دشمن جي عزمن کي ناڪام بڻايو. حق جي ويڙهه ۾ پاڪ بحريه جو شاندار ڪردار رهيو. هن ڪيڊٽس کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان پاڪ بحريه جي هيروز ڪموڊور ايس ايم انور، ڪمانڊر ظفر محمد خان ۽ وائيس ايڊمرل احمد تسنيم جي فخر جوڳي ميراث جا وارث آهيو، جن جي جرئت ۽ بهادري، قرباني ۽ پيشيواراڻي مهارت پاڪستان لاءِ هڪ اعزاز آهي، اوهان به حوصلي، عزم، ڊسيپلين ۽ وقار جي قدرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ثابت قدم رهيا، مون کي يقين آهي ته اوهان مادر وطن جي دفاع لاءِ هر چئلينج جو ثابت قدمي، جوش ۽جذبي ۽ عزم سام مقابلو ڪندا ۽ جيڪا تربيت ۽ پيشيواراڻو تجربو حاصل ڪيو آهي، اهو عملي ميدان ۾ اوهان جي ڀرپور ڪم ايندو. وزيراعظم چيو ته اڄ ڪميشن حاصل ڪندڙ آفيسر صرف علم ۽ مهارت ئي نه پر اعتماد، حوصلي ۽ جنگي جذبي سان به ليس ٿي نڪري رهيا آهيو، جيڪي مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري آهن. هن چيو ته هي آفيسر اهڙي دور ۾پاڪ بحريه جو حصو بڻجي رهيا آهن، جڏهن سامونڊي شعبو تيزي سان جديد ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ بنا پائليٽ نظام ڏانهن وڌي رهيو آهي، هن نون آفيسرن تي زور ڀريو ته عزم، جرئت، نظم و ضبط، ديانتداري ۽ وفاداري جهڙن قدرن کي هميشه مٿانهون رکن. وزيراعظم چيو ته اڄ انهن آفيسرن جي ڪلهن تي سجندڙ رينڪ هڪ وڏي ذميواري جي علامت آهي، پرسڪون سمنڊ ڪڏهن ملاح جي آزمائش نٿو وٺي ۽ نه ئي موافق هوائون هڪ ڪپتان جي صلاحيت جو معيار هونديون آهن، پر طوفاني سمنڊ ۽ تيز هوائون ئي انسان جي حوصلي ۽ ڪردار جو اصل امتحان هونديون آهن. وزيراعظم خطي جي بدلجندڙ سيڪيورٽي صورتحال سيڪيورٽي ماحول ۾ آپريشن محافظ البحر ذريعي بندرگاهن تائين توانائي جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن کي به ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان کي عالمي ۽ پرڏيهي خطرن کي نظر ۾ رکندي مختلف سيڪيورٽي چئلينجز سامهون آهن. اسان جي اوڀرندي پاڙيسري کي گذريل سال مئي ۾ جيڪو ذلت جوڳو شڪست جو منهن ڏسڻو پيو اهو اسان جي ملڪ جي امن، استحڪام کي نقصان پهچائڻ لاءِ بزدلاڻا حربن ۽ پنهنجي پراسيڪين کي استعمال ڪري رهيو آهي، جڏهن ته اسان جي بهادر هٿياربند فوج اسان جي اولهندي سرحدن مان پرڏيهي پٺڀرائي م ٿيندڙ دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ ڪوششن ۾ آهي، پوري پاڪستاني قوم پنهنجي بهادر هٿياربند فوج سان گڏ آهي، پورو ملڪ دشمنن جي ناپاڪ عزم کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پختو عزم رکي ٿو، جڏهن ته پاڪستان سمورن حل طلب مسئلن جي حل لاءِ امن، ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي پاليسي تي عمل پيرا آهي. وزيراعظم ڪشمير، فلسطين ۽ غزه جي عوام جي حمايت لاءِ به پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم عجو اعزاز حاصل ڪندڙ ۽ ٻين ڪيڊٽس سان گڏ گروپ فوٽو، ٿيو جڏهن ته وزيراعظم مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثرات پڻ لکيا.











