سيڪيورٽي فورسز خاران ۽ مستونگ ۾  دهشتگردي جي خاتمي وارين ٻن ڌار ڌار ڪارروائين ۾ 8 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي - 27 جون (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعن خاران ۽ مستونگ ۾ 25 ۽ 26 جون تي دهشتگردي جي ٻن ڌار ڌار ڪارروائين ۾ 8 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، انهن ڪارروائين جو مقصد ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان جو خاتمو هو. آءِ ايس پي آر پاران ڇنڇر ڏينهن جاري پريس پڌرائي موجب  25 جون تي سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلع خاران ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد …

راولپنڊي – 27 جون (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعن خاران ۽ مستونگ ۾ 25 ۽ 26 جون تي دهشتگردي جي ٻن ڌار ڌار ڪارروائين ۾ 8 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، انهن ڪارروائين جو مقصد ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان جو خاتمو هو. آءِ ايس پي آر پاران ڇنڇر ڏينهن جاري پريس پڌرائي موجب  25 جون تي سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلع خاران ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي دهشتگردن جي هڪ گروپ جي چر پر تي انهن کي پڪڙي ورتو ۽ پيشيواراڻي ۽ هنرمندي تحت ڪيل ڪارروائي جي نتيجي ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 3 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. اهڙي طرح 26 جون تي بلوچستان جي ضلع مستونگ ۾ آپگهاتي بمبار جي امڪاني موجودگي جي اڳواٽ هڪ ڳجهي ڄاڻ تي ٻڌل آپريشن ڪيو ويو. پاڪ فوج جي جوانن آپريشن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو ۽ شديد فائرنگ جي مٽاسٽا کان پوءِ هڪ آپگهاتي بمبار سميت 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب انهن دهشتگردن جي استعمال هيٺ هٿيار، گولا بارود، ديسي ٺاهيل بم ۽ موٽر سائيڪلون به هٿ ڪيون ويون. علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻي ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد جي خاتمي لاءِ ڳولا جون ڪارروائيون جاري آهن. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ويزن عزم استحڪام (جنهن جي نيشنل ايڪشن پلان تي وفاقي سپريم ڪميٽي منظوري ڏني) تحت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اڻٿڪ مهم ملڪي ۽ پرڏيهي حمايت يافته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڀرپور طريقي سان جاري رهندي.

مزید خبریں