وزيراعظم شهباز شريف جو عاشوره تي فول پروف سيڪيورٽي انتظامن تي گهرو وزارت ۽ سيڪيورٽي ادارن کي خراج تحسين

اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عاشوره جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ امن امان قائم رکڻ ۽ سمورن جلوسن ۽ مجلسن لاءِ بهترين سيڪيورٽي انتظامن تي گهرو وزارت ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ڇنڇر تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مطابق وزيراعظم عاشوره لاءِ بهترين انتظامن ۽ فول پروف سڪيورٽي فراهم ڪرڻ تي گهرو وزير محسن …

اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عاشوره جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ امن امان قائم رکڻ ۽ سمورن جلوسن ۽ مجلسن لاءِ بهترين سيڪيورٽي انتظامن تي گهرو وزارت ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ڇنڇر تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مطابق وزيراعظم عاشوره لاءِ بهترين انتظامن ۽ فول پروف سڪيورٽي فراهم ڪرڻ تي گهرو وزير محسن نقوي ۽ سندس ٽيم، پاڪستان جي فوج، پوليس ۽ سيڪيورٽي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي افيسرن ۽ اهلڪارن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته الله جي ڪرم سان عاشوره جي حوالي سان سرگرميون آسان ۽ امن ۽ امان جي فضا ۾ مڪمل ٿيون. وزيراعظم صوبائي حڪومتن سميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن طرفان به عاشوره تي بهترين انتظام يقيني بڻائڻ کي ساراهيو. هن چيو ته سمورا وڏا وزير ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا جا لاڳاپيل وزير به عاشوره تي بهترين انتظامن ۽ امن امان لاءِ سيڪيورٽي جي فول پروف قدمن تي ساراهه جوڳا آهن.

مزید خبریں