اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري بلوچستان ۾ فتنه الهندوستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان ڇنڇر تي جاري بيان مطابق صدر مملڪت چيو ته خاران ۽ مستونگ ۾ فتنه الهندوستان جي 8 دهشتگردن کي مارڻ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت ۽ عزم جو اظهار آهي. هن چيو ته …
صدر مملڪت پاران بلوچستان ۾ فتنه الهندوستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري بلوچستان ۾ فتنه الهندوستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان ڇنڇر تي جاري بيان مطابق صدر مملڪت چيو ته خاران ۽ مستونگ ۾ فتنه الهندوستان جي 8 دهشتگردن کي مارڻ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت ۽ عزم جو اظهار آهي. هن چيو ته ڪارروائين ۾ شريڪ آفيسرن ۽ جوانن جي جرئت، پيشيوراڻي صلاحيت ۽ قربانيون ساراهه جوڳيون آهن. صدر مملڪت چيو ته ملڪ ۾ پرڏيهي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جون مڪمل طور پاڙون پٽڻ تائين ڪارروائيون جاري رکيون وينديون.










