ڪراچي – 27 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي علائقن خاران ۽ مستونگ ۾ فتنه الهندوستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان ڇنڇر تي جاري بيان مطابق وزيراعظم چيو ته فتنه الهندوستان سان تعلق رکندڙ 8 دهشتگردن کي ماري بهادر سيڪيورٽي فورسز سندن دهشتگردي جا ناپاڪ عزم بڻايا. هن چيو ته فتنه …
وزيراعظم شهباز شريف پاران بلوچستان ۾ فتنه الهندوستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
ڪراچي – 27 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي علائقن خاران ۽ مستونگ ۾ فتنه الهندوستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان ڇنڇر تي جاري بيان مطابق وزيراعظم چيو ته فتنه الهندوستان سان تعلق رکندڙ 8 دهشتگردن کي ماري بهادر سيڪيورٽي فورسز سندن دهشتگردي جا ناپاڪ عزم بڻايا. هن چيو ته فتنه الهندوستان جي دهشتگردن خلاف ڪارروائيون ۽ فتنه الهندوستان سميت هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسانجي جدوجهد جاري رهندي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن، قوم سندن گڏ بيٺل آهي، پاڪستان جي امن جي دشمنن کي هر محاذ تي عبرتناڪ شڪست ڏني ويندي.










