حضرت امام حسين رضه جي شهادت حق ۽ باطل وچ ۾ ابدي معيار ۽ انسانيت لاءِ روشن مينار آهي: عبدالعليم خان

اسلام آباد-26 جون (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته عاشورا دينِ اسلام جي سربلندي، قرباني ۽ ثابت قدميءَ جو درس ڏئي ٿو، حضرت امام حسين رضه جي شهادت حق ۽ باطل وچ ۾ ابدي معيار ۽ انسانيت لاءِ روشن مينار آهي. عاشوري جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڪربلا واقعو سامهون ڄمي بيهڻ ۽ اصولن تي قائم رهڻ جو لازوال پيغام …

اسلام آباد-26 جون (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته عاشورا دينِ اسلام جي سربلندي، قرباني ۽ ثابت قدميءَ جو درس ڏئي ٿو، حضرت امام حسين رضه جي شهادت حق ۽ باطل وچ ۾ ابدي معيار ۽ انسانيت لاءِ روشن مينار آهي. عاشوري جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڪربلا واقعو سامهون ڄمي بيهڻ ۽ اصولن تي قائم رهڻ جو لازوال پيغام ڏئي ٿو. ڪربلا جي شهيدن جون عظيم قربانيون مسلمان اُمت لاءِ ايثار، وفا، صبر ۽ حق پرستيءَ جو روشن مثال آهن. عبدالعليم خان چيو ته آل محمدﷺ هر آزمائش باوجود حق جو جهنڊو بلند رکيو ۽ ان جو ڪردار مشعلِ راهه آهي. يومِ عاشورا حق، استقامت، صبر ۽ رضا الاهي جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته مذهبي هم آهنگي ۽ اخوت کي هٿي وٺرائڻ وقت جي اهم ضرورت ۽ ترقيءَ جي ضمانت آهي. اسلام جي شهيدن جي قربانين انسانيت جي عزت، حوصلي ۽ جدوجهد جو رستو ڏيکاريو. عبدالعليم خان چيو ته وطنِ عزيز ۽ ملڪي سلامتيءَ لاءِ پاڪ فوج جون قربانيون ساراهه جوڳيون آهن، ڪربلا جي شهيدن جي لازوال قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو.

مزید خبریں