پاڪستان ايران کان خام تيل جي درآمد تي ساليانو 340 ملين ڊالرن جي بچت ڪري سگهي ٿو: رپورٽ

اسلام آباد-26 جون (اي پي پي) پاڪستان ايران کان خام تيل جي درآمد تي ساليانو 340 ملين ڊالرن جي بچت ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن ايران تي لڳل عالمي پابنديون هٽايون وڃن ٿيون ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻه طرفي واپار ۾ به جوڳي واڌ يقيني آهي. ٽاپ لائن سيڪيورٽيز جي تحقيقاتي رپورٽ موجب 2012ع ۾ ايران ۾ اقتصادي پابندين ۾ سختيءَ کان  پاڪستان ۽ ايران جا تاريخي مستحڪم واپاري …

اسلام آباد-26 جون (اي پي پي) پاڪستان ايران کان خام تيل جي درآمد تي ساليانو 340 ملين ڊالرن جي بچت ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن ايران تي لڳل عالمي پابنديون هٽايون وڃن ٿيون ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻه طرفي واپار ۾ به جوڳي واڌ يقيني آهي. ٽاپ لائن سيڪيورٽيز جي تحقيقاتي رپورٽ موجب 2012ع ۾ ايران ۾ اقتصادي پابندين ۾ سختيءَ کان  پاڪستان ۽ ايران جا تاريخي مستحڪم واپاري لاڳاپا هئا ۽ مالي سال 2010ع ۾ ٻه طرفي واپار جو ڳاڻيٽو 1.2 ارب ڊالرن کان وڌيڪ هو. رپورٽ موجب جڏهن ايران تي لاڳو عالمي اقتصادي پابنديون سخت ڪيون ويون ته پاڪ- ايران ٻه طرفي واپار ۾ گهٽتائي آئي. ٽاپ لائن سيڪيورٽيز چيو آهي ته پاڪستان پابندين کان اڳ ايران کي چانور، ڪينو، انب، آڙو، ٽيڪسٽائل شيون، دوائون ۽ اوزارن سميت راندين جو سامان فراهم ڪندو هو، جڏهن ته ايران خام تيل، صنعتي خام مال سميت مختلف شيون درآمد ڪيون وينديون هيون. رپورٽ موجب مستقبل ۾ پاڪستان ۽ ايران سرحدي علائقن ۾ خصوصي اقتصادي زونز تحت ٻه طرفي واپار کي 10 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهي، جيڪڏهن واپاري رابطا بحال ٿي وڃن ٿا ته نه صرف پاڪستان جي روانگي واپار ۾ خاطرخواه واڌ ٿيندي پر پيٽروليم شين جي درآمدگيءَ کان پاڪستان 10 کان 20 سيڪڙو گهٽ قيمت جي نتيجي ۾ ساليانو 340 ملين ڊالرن تائين بچت ڪري سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح اسٽيل ۽ صنعتي خام مال جي درآمد سان به قيمتي ناڻو بچائي سگهجي ٿو.