اسلام آباد-26 جون (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ تشدد جي متاثرن جي حمايت جو ڏينهن جمعي 26 جون تي ملهايو ويو. هن ڏينهن کي ملهائڻ جو بنيادي مقصد تشدد کان متاثر ماڻهن جي بحالي، انصاف جي فراهمي ۽ انسانن تي تشدد جي خاتمي لاءِ عوامي شعور اجاگر ڪرڻ آهي. تشدد سمورن انساني معاشرن ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۽ ڪنهن نه ڪنهن سطح تي موجود آهي. تشدد …
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ تشدد جي متاثرن جي حمايت جو ڏينهن ملهايو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-26 جون (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ تشدد جي متاثرن جي حمايت جو ڏينهن جمعي 26 جون تي ملهايو ويو. هن ڏينهن کي ملهائڻ جو بنيادي مقصد تشدد کان متاثر ماڻهن جي بحالي، انصاف جي فراهمي ۽ انسانن تي تشدد جي خاتمي لاءِ عوامي شعور اجاگر ڪرڻ آهي. تشدد سمورن انساني معاشرن ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۽ ڪنهن نه ڪنهن سطح تي موجود آهي. تشدد جي متاثرن جي حمايت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ متاثرن ۽ اهڙن واقعن ۾ بچي ويلن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو وڃي ٿو. تشدد ۽ ٻين ظالماڻين، غير انساني ۽ تڪليف ڏيندڙ سلوڪ يا سزا خلاف گڏيل قومن جي انتظام هيٺ معاهدو عمل ۾ اچڻ کانپوءِ هن وقت تائين آمريڪا سميت دنيا جي 166 ملڪ ان معاهدي جي توثيق ڪري چڪا آهن. تشدد جي متاثرن جي حمايت جي عالمي ڏينهن تي سرڪاري، غير سرڪاري، فلاحي ادارن جي انتظام هيٺ منعقد تقريبن ۾ تشدد کي روڪڻ، تشدد جي متاثرن جي ازالي ۽ انهن جي بحالي، تشدد ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ عملي قدمن جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪئي وئي.











