اسلام آباد-26 جون (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ منشيات جي اسمگلنگ خلاف عالمي ڏينهن جمعي 26 جون تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد منشيات جي خلاف ۽ اسمگلنگ جي حوالي سان آگاهي ۽ شعور فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن منشيات جي استعمال، روڪٿام، غير قانوني واپار جو خاتمو ۽ منشيات جي ڪاروبار ڪندڙن جي حوصله شڪني ڪري سگهجي. دنيا ۾ نشي جي عادي ماڻهن …
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ منشيات جي اسمگلنگ خلاف عالمي ڏينهن ملهايو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-26 جون (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ منشيات جي اسمگلنگ خلاف عالمي ڏينهن جمعي 26 جون تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد منشيات جي خلاف ۽ اسمگلنگ جي حوالي سان آگاهي ۽ شعور فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن منشيات جي استعمال، روڪٿام، غير قانوني واپار جو خاتمو ۽ منشيات جي ڪاروبار ڪندڙن جي حوصله شڪني ڪري سگهجي. دنيا ۾ نشي جي عادي ماڻهن جي انگ ۾ واڌ عالمي برادريءَ لاءِ ڳڻتيءَ جوڳي آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۾ اينٽي نارڪوٽڪس فورس، پوليس ۽ ڪوسٽ گارڊز سميت مختلف ادارا سالياني ڪروڙين رپين جي منشيات پڪڙين ٿا ۽ ملزمن کي گرفتار ڪن ٿا، ان کان علاوه ملڪ ۾ نشي جي عادي ماڻهن جي بحالي جا قدم پڻ جاري آهن، جن جو مقصد منشيات کان پاڪ صحتمند معاشري جو قيام آهي. منشيات خلاف ۽ منشيات جي اسمگلنگ خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي سرڪاري ۽ غير سرڪاري، طبي، فلاحي ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ مختلف تقريبن جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن جو مقصد منشيات ۽ اسمگلنگ جي حوالي سان عام ماڻهوءَ ۾ شعور اجاگر ڪرڻ آهي.











