اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف والدين، استادن، تعليمي ادارن، سماجي اڳواڻن، ميڊيا ۽ نوجوانن سميت سمورن طبقن کي منشيات جي خلاف جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته پاڪستان منشيات جي قسمن، ان جي غيرقانوني پهچ ۽ نوجوان نسل کي ان جي دستيابي سميت سمورن لاڳاپيل خطرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم ۽ ثابت قدم آهي. هن …
پاڪستان منشيات، ان جي غيرقانوني پهچ ۽ نوجوانن تائين پهچ جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف والدين، استادن، تعليمي ادارن، سماجي اڳواڻن، ميڊيا ۽ نوجوانن سميت سمورن طبقن کي منشيات جي خلاف جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته پاڪستان منشيات جي قسمن، ان جي غيرقانوني پهچ ۽ نوجوان نسل کي ان جي دستيابي سميت سمورن لاڳاپيل خطرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم ۽ ثابت قدم آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار منشيات جي استعمال ۽ اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن جيڪو اڄ جمعي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته اڄ پاڪستان عالمي دنيا سان گڏ هڪ آواز ٿي منشيات جي استعمال ۽ غيرقانوني اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن تي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته انهن معاشرتي خرابين جي خاتمي جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هي ڏينهن منشيات جي استعمال ۽ غيرقانوني اسمگلنگ جي گهڻ رخي انساني، معاشي ۽ معاشرتي نقصانن ۽ ان جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته هن سال جو موضوع “پراڻا مسئلا، نوان چئلينجز ۽ منشيات کان پاڪ مستقبل جي لاءِ اختراعي قدم” آهي. هي عنوان عالمي سطح تي منشيات جي مسئلي جي سنگين نوعيت طرف ڌيان ڇڪرائي ٿو. هن چيو ته پاڪستان منشيات جي قسمن، ان جي غيرقانوني پهچ ۽ نوجوان نسل کي ان جي دستيابي سميت ان سان واڳيل سمورن خطرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پُرعزم ۽ ثابت قدم آهي. حڪومت اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ قومي صلاحيت ۾ اضافي، اداراجاتي هم آهنگي ۽ عالمي حصيدارن سان تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيو آهي. سمورن غيرقانوني نيٽ ورڪس جي مڪمل خاتمي سان ئي معاشري کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته نوجوان نسل کي ان عيب کان محفوظ رکڻ جي لاءِ موثر قدم اسان جي قومي ترجيح آهي. منشيات کان پاڪ تعليمي ادارن کي يقيني بڻائڻ اهم ترين قدم آهي. هن چيو ته منشيات جي خاتمي واري فورس منشيات اسمگلنگ جي روڪٿام، ان جي طلب ۾ گهٽتائي، ان عيب جي خلاف آگاهي ۽ متاثرين جي علاج ۽ بحالي جي ڏس ۾ موثر قدم کڻي رهي آهي. منشيات جي خاتمي جي لاءِ قانون جو موثر لاڳو، روڪٿام ۽ بحالي جي رخن تي هڪ ئي وقت ڌيان حڪومت جي متوازن ۽ جامع حڪمت عملي جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته ان موقعي تي هو منشيات جي خاتمي واري فورس جي انهن بهادر شهيدن کي خصوصي طور تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو جن وطن جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. انهن جي جرئت، قرباني ۽ فرض شناسي اسان جي لاءِ فخر جوڳي آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت منشيات جي خلاف گهڻ رخي قدمن ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪري رهي آهي. صوبائي حڪومت سان گڏجي تعليمي ادارن ۾ آگاهي ۽ بچاءُ جي پروگرامز کي سگهه ڏني پئي وڃي، علاج ۽ بحالي جي سهولتن کي بهتر بڻايو پيو وڃي. غيرقانوني اسمگلنگ نيٽ ورڪس جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان عالمي حصيداري کي انٽيلي جنس جي مٽاسٽا، گڏيل ڪاررواين ۽ موثر علائقائي تعاون جي ذريعي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيو آهي. هن والدين، استادن، تعليمي ادارن، سماجي اڳواڻن، ميڊيا ۽ نوجوانن سميت سڀني کي منشيات جي خلاف جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته اهڙين سماجي براين جي خلاف آگاهي، روڪٿام جي لاءِ قدم ۽ صحتمند معاشري جي جوڙجڪ اسان جي گڏيل قومي ذميواري آهي.












