مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ايراني وزير فرزانه صادق جي ملاقات

اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان پاڪستان جي دؤري تي آيل ايراني ٽرانسپورٽ واري وزير فرزانه صادق ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ريلوي وارو وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري به موجود هئا. مواصلات واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير عبدالعليم خان ايراني وفد سان ڳالهائيندي …

اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان پاڪستان جي دؤري تي آيل ايراني ٽرانسپورٽ واري وزير فرزانه صادق ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ريلوي وارو وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري به موجود هئا. مواصلات واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير عبدالعليم خان ايراني وفد سان ڳالهائيندي خطي ۾ امن قائم ڪرڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير، فرزانه صادق سان ڳالهائيندي ايران جي عوام جي پُختي عزم ۽ حمايت کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ پاڪ- ايران روڊ ۽ ريل رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. عبدالعليم خان چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ زميني رابطن جي مضبوطيءَ سان واپاري موقعا وڌندا. اجلاس ۾ مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. وفد پاڪ- ايران گڏيل ٽرانسپورٽ ڪميٽي کي فعال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. عبدالعليم خان ان موقعي تي چيو ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ ٽرانسپورٽ مسئلن کي فوري حل ڪيو ويندو. ايراني وزير فرزانه صادق جنگبندي ۽ امن معاهدي ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار تي ٿورن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستاني ڀائرن جي ڀرپور حمايت ۽ تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. ايراني وزير ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽرڪن ۽ ڪنٽينرز جي ڪليئرنس جي مسئلن جو معاملو پڻ اُٿاريو. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي ۽ پاڪ- ايران بارڊر تي حل طلب مسئلن لاءِ گڏيل قدمن تي اتفاق ڪيو.