قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران وينزويلا ۾ زلزلن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق وينزويلا ۾ زلزلن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي زلزلن کان متاثر ڪٽنبن سان همدردي ۽ دلي تعزيت ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اسپيڪر چيو ته پاڪستان جي پارلياينٽ ۽ عوام ان مشڪل گهڙيءَ ۾ وينزويلا سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪن ٿا. پاڪستاني قوم وينزويلا …

اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق وينزويلا ۾ زلزلن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي زلزلن کان متاثر ڪٽنبن سان همدردي ۽ دلي تعزيت ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اسپيڪر چيو ته پاڪستان جي پارلياينٽ ۽ عوام ان مشڪل گهڙيءَ ۾ وينزويلا سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪن ٿا. پاڪستاني قوم وينزويلا جي عوام جي غم ۾ برابر جي شريڪ آهي. هن چيو ته قدرتي آفتن کان متاثرن لاءِ عالمي سطح تي يڪجهتي ۽ تعاون جي ضرورت آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته وينزويلا جي حڪومت ۽ عوام ان آزمائش تي حوصلي ۽ عزم سان ضابطو آڻيندي. اسپيڪر زلزلي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد ۽ مڪمل صحتيابيءَ لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.