اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني وينزويلا ۾ آيل زلزلن جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي متاثر ڪٽنبن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جو عوام ۽ پارليامينٽ ان مشڪل گهڙيءَ ۾ وينزويلا جي حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري …
سينيٽ چيئرمين پاران وينزويلا ۾ زلزلن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار
اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني وينزويلا ۾ آيل زلزلن جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي متاثر ڪٽنبن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جو عوام ۽ پارليامينٽ ان مشڪل گهڙيءَ ۾ وينزويلا جي حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري ٿي. هن زلزلن ۾ فوت ٿيلن جي ڪٽنبن سان دلي تعزيت ڪندي چيو ته پاڪستاني قوم وينزويلا جي عوام جي غم ۾ برابر جي شريڪ آهي. سيد يوسف رضا گيلاني زلزلن ۾ زخمي ٿيلن جي جلد ۽ مڪمل صحتيابيءَ لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان هر مشڪل وقت ۾ وينزويلا جي عوام سان گڏ آهي ۽ ان قدرتي آفتن کان متاثرن جي ڏُک کي پنهنجو ڏُک سمجهي ٿو.










