اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ جهاراني جو عالمي ڏينهن خميس 25 جون تي ملهايو ويو. سڄي دنيا ۾ هي ڏينهن عالمي واپار ۽ معيشت ۾ سامونڊي جهاز هلائيندڙ عملي جي خدمتن ۽ قربانين جي اعتراف طور ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن کي ملهائڻ جو بنيادي مقصد سامونڊي عملي کي درپيش مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ کين محفوظ ڪم ڪرڻ جو ماحول فراهم ڪرڻ آهي. …
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ جهازراني جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو
اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ جهاراني جو عالمي ڏينهن خميس 25 جون تي ملهايو ويو. سڄي دنيا ۾ هي ڏينهن عالمي واپار ۽ معيشت ۾ سامونڊي جهاز هلائيندڙ عملي جي خدمتن ۽ قربانين جي اعتراف طور ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن کي ملهائڻ جو بنيادي مقصد سامونڊي عملي کي درپيش مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ کين محفوظ ڪم ڪرڻ جو ماحول فراهم ڪرڻ آهي. هلندڙ سال عالمي ڏينهن جو موضوع ”هراسگي کان محفوظ سامونڊي جهاز“ چونڊيو ويو، جيڪو سمنڊ ۾ ڌمڪين ۽ هراسگي خلاف عدم برداشت ۽ احترام جي ثقافت کي هٿي ڏيڻ جو هڪ جرائتمنداڻو قدم آهي. عالمي ڏينهن جي مناسبت سان مختلف سرڪاري، نجي ۽ فلاحي ادارن جي انتظام هيٺ تقريبون منعقد ڪيون ويون ته جيئن جهازراني طبقي کي پيش مسئلن جي حل بابت شعور اجاگر ڪري سگهجي.











