اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي ڪرڪيٽر شعيب اختر جي ڀاءُ شاهد اختر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شعيب اختر ۽ سندس خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالى مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران اڳوڻي ڪرڪيٽر شعيب اختر جي ڀاءُ شاهد اختر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي ڪرڪيٽر شعيب اختر جي ڀاءُ شاهد اختر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شعيب اختر ۽ سندس خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالى مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.












