صدر آصف علي زرداري پاران وينزويلا ۾ شديد زلزلي سبب قيمتي انساني جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وينزويلا ۾ ايندڙ شديد زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان ۽ وسيع پئماني تي ٿيندڙ تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي وينزويلا جي حڪومت ۽ عوام سان هن مشڪل …

اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وينزويلا ۾ ايندڙ شديد زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان ۽ وسيع پئماني تي ٿيندڙ تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي وينزويلا جي حڪومت ۽ عوام سان هن مشڪل گهڙيءَ ۾ همدرديءَ ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جي عوام وينزويلا جي عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ انهن جي ڏک کي پنهنجو ڏک سمجهي ٿي. هن زلزلي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ متاثر ماڻهن جي لاءِ همت، حوصلي ۽ استقامت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر اميد ظاهر ڪئي ته وينزويلا جي عوام ان سانحي تي بهادري ۽ عزم سان ضابطو آڻيندي ۽ امدادي ۽ ريسڪيو سرگرميون ضرورتمندن تائين وقت سر مدد پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿينديون.