اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم جي خاص هدايت تي ڪراچيءَ ۾ باقاعده عوامي سهولت مرڪز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايف بي آر چيئرمين هاڻ هر مهيني جي ٻئي هفتي صحافين سان گڏ ڪراچيءَ جو دؤرو ڪندو ته جيئن ٽيڪس جي حوالي سان شڪايتون موقعي تي حل ڪري سگهجن. اربع ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ …
ڪراچيءَ ۾ باقاعده عوامي سهولت مرڪز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايف بي آر جي چيئرمين هاڻ هر مهيني جي ٻئي هفتي صحافين سان گڏ ڪراچيءَ جو دؤرو ڪندو: محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم جي خاص هدايت تي ڪراچيءَ ۾ باقاعده عوامي سهولت مرڪز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايف بي آر چيئرمين هاڻ هر مهيني جي ٻئي هفتي صحافين سان گڏ ڪراچيءَ جو دؤرو ڪندو ته جيئن ٽيڪس جي حوالي سان شڪايتون موقعي تي حل ڪري سگهجن. اربع ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ جي منظوريءَ جو عمل مڪمل هئڻ کان پوءِ هن بجيٽ جي منظوري تي شڪر جو اظهار ڪندي چيو ته پارليامينٽ هائوس ۾ بجيٽ سيشن دوران ڏينهن رات ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ اسٽاف جي خدمتن کي ساراهڻ گهرجي. ان موقعي تي هن بجيٽ اجلاس ۾ خدمتون ڏيندڙ مختلف کاتن جي آفيسرن ۽ اسٽاف لاءِ 6 بنيادي پگهارن جي برابر اعزاز جو اعلان ڪيو. هن چيو ته بجيٽ منظوريءَ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي. هن آڊيٽر جنرل جي رپورٽس جو حوالو ڏيندي چيو ته آئين تحت اهو ضروري آهي ته عوامي فنڊز کي صرف ان جي رکيل مقصدن لاءِ ۽ قانون موجب استعمال ڪيو وڃي، اهڙيون رپورٽون پاڪستان جي عوامي مالياتي احتساب جي نظام ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وفاقي حڪومت بابت آڊٽ رپورٽون لاڳاپيل مالي سال جي اندر ئي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته اها اڳڀرائي حڪومت جي مالي شفافيت، اثرائتي آڊٽ نگراني ۽ پارلياماني نگراني کي مضبوط بنائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. ناڻي واري وزير آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ۽ سندس ٽيم کي آئيني ذميدارين کي پيشيوراڻي انداز، لڳن ۽ محنت سان نڀائڻ تي خراجِ تحسين پيش ڪيو.











