اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ ڌرڻي تي ويٺل ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي ڄاڻي واڻي ڪاروباري زندگي متاثر ڪري پاڻ ڳالهين جا دروازا بند ڪيا آهن، اتي سيڪيورٽي فورسز جا 4 جوان شهيد ٿي چڪا آهن، تشدد جو رستو اختيار ڪندڙن خلاف رياست جو جيڪو ڪردار بڻجي ٿو اهو ادا ڪندي، اسان وٽ تصديق ٿيل اطلاع …
ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي ڄاڻي واڻي ڪاروباري زندگي متاثر ڪري پاڻ ڳالهين جا دروازا بند ڪيا آهن: طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ ڌرڻي تي ويٺل ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي ڄاڻي واڻي ڪاروباري زندگي متاثر ڪري پاڻ ڳالهين جا دروازا بند ڪيا آهن، اتي سيڪيورٽي فورسز جا 4 جوان شهيد ٿي چڪا آهن، تشدد جو رستو اختيار ڪندڙن خلاف رياست جو جيڪو ڪردار بڻجي ٿو اهو ادا ڪندي، اسان وٽ تصديق ٿيل اطلاع موجود آهن ته هو تشدد جي رستي تي آهن. اربع ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته هڪ ايف سي اهلڪار سميت 4 اهلڪار شهيد ٿيا، هو پُرامن طور تي پنهنجي مطالبن جي حوالي سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، اسان سندن آڏو آپشن رکيا پر هنن ڳالهين کان انڪار ڪيو، هو ڄاڻي واري آزاد ڪشمير ۾ ڪاروباري زندگي کي متاثر ڪري رهيا آهن، پاڻ ڳالهين جو رستو بند ڪيو آهي. هن چيو ته ڳالهين ذريعي مسئلي جو ڪو حل نڪري سگهيو ٿي پر جيڪو رستو هنن اختيار ڪيو آهي ان ۾ رياست پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ آئينده به ڪندي رهندي. هن چيو ته اسان وٽ تصديقي اطلاع موجود آهن ته ان تشدد پويان پرڏيهي ڌُر ملوث آهي ڇاڪاڻ ته هو نٿا چاهين ته هتي وقت سر چونڊون ٿين. آزاد ڪشمير جي عارضي آئين ۾ ان جي ڪا گنجائش ناهي، جيڪي ماڻهو اهو چاهين ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت نه ٿين اهي رياست جي مفادن خلاف ڪم ڪري رهيا آهن، اسان جي ڪنهن وزير اها دعويٰ ناهي ڪئي ته پناهگير سيٽون سندس پارٽيءَ کي ملنديون، ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيو آهي ته پنجاب ۾ (ن) ليگ جي حڪومت هوندي به اتان (ن) ليگ ڪامياب نه ٿي. هن چيو ته ماضيءَ کي ڏٺو وڃي ته وفاق ۾ جنهن پارٽيءَ جي حڪومت هوندي آهي آزاد ڪشمير ۾ به ان جي ئي حڪومت بڻجي ٿي، پناهگيرن ۽ آزاد ڪشمير جي سيٽن تي هڪ ئي وقت چونڊون ٿين ٿيون. اهي سيٽون پنجاب کان علاوه ڪراچي ۽ ڪي پي ڪي ۾ به آهن. هن چيو ته اسان آزاد ڪشمير مسئلي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. هن چيو ته گذريل سال احتجاج دوران ايڪشن ڪميٽيءَ جا جيڪي ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا انهن جي پونئيرن کي سرڪاري ملازمتون ڏنيون ويون، اٽي ۽ بجلي تي ملندڙ سبسڊي اڄ به برقرار آهي. اهي سموريون سهولتون عوامي نوعيت بابت آهن جيڪي واپس نه ورتيون ويون، صرف حڪومت پنهنجي عملداري قائم ڪئي آهي ۽ حڪومت وٽ ان کان علاوه ڪو آپشن ناهي.











