اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي 1035 ارب 99 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي وفاقي مجموعي فنڊ مان غير تصديقي خرچن کان علاوه سال 25-2024ع ۽ 25-2026ع بابت خرچن جي سلسلي ۾ ريگيولر ۽ فني ضمني گرانٽس منظوري ڏئي ڇڏي. اربع ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن بابت 35 مطالبا ايوان ۾ پيش ڪيا، جن جي ايوان منظوري ڏئي …
قومي اسيمبلي اجلاس: وفاقي مجموعي فنڊ مان غير تصديقي خرچن ۽ سال 25-2024ع بابت خرچ ۽ 25-2026ع جي سلسلي ۾ ريگيولر ۽ فني ضمني گرانٽس منظور

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي 1035 ارب 99 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي وفاقي مجموعي فنڊ مان غير تصديقي خرچن کان علاوه سال 25-2024ع ۽ 25-2026ع بابت خرچن جي سلسلي ۾ ريگيولر ۽ فني ضمني گرانٽس منظوري ڏئي ڇڏي. اربع ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن بابت 35 مطالبا ايوان ۾ پيش ڪيا، جن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. ان ۾ مالي سال 25-2024ع لاءِ تقريبن 554 ارب 32 ڪروڙ 72 لک رپين کان وڌيڪ جڏهن ته مالي سال 26-2025ع لاءِ 481 ارب 66 ڪروڙ 58 لک رپين کان وڌيڪ جي سپليمينٽري گرانٽس شامل آهن. ايوان طرفان منظور ڪيل گرانٽس ۾ ايئرپورٽس سيڪيورٽي فورس، ڪيبينٽ ڊويزن، ڪامرس ڊويزن، ڊفينس ڊويزن، ڊفينس سروسز، ڪئنٽونمينٽس ۽ گيريزنز ۾ وفاقي تعليمي ادارن، پاور ڊويزن، وفاقي تعليم ۽ پروفيشنل ٽريننگ ڊويزن، گرانٽس، سبسڊيز ۽ مختلف خرچ، فيڊرل بورڊ آف روينيو، فارن مشنز، سڌ سماءَ واري وزارت ۽ ڊويزن، گهرو ڊويزن، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري، ڪمبائنڊ سول آرمڊ فورسز، ڪشمير معاملن ۽ گلگت بلتستان ڊويزن، قانون ۽ انصاف، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ ڊويزن، پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل، نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊويزن، پارلياماني معاملن جي ڊويزن، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ، اسپارڪو، نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن، ناڻي ڊويزن، پيٽروليم ڊويزن، نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي، نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن، خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ڊويزن، موسمياتي تبديلي ۽ انوائرنمنٽل ڪوآرڊينيشنل ڊويزن، هائوسنگ اينڊ ورڪس ڊويزن، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڊويزن، انٽر پراونشل ڪوآرڊينيشن ڊويزن، وفاقي سيڙپڪاري ۽ ٻيا قرض ۽ ايڊوانسز، روينيو ڊويزن، سول ورڪس تي سمورا خرچ جا پراجيڪٽس شامل آهن. منظور ٿيل گرانٽس جو مقصد ٻنهي سالن دوران مختلف سرڪاري ادارن جي اضافي آپريشنل، ترقياتي ۽ انتظامي خرچ پورا ڪرڻ آهي.










