راولپنڊي- 24 جون (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊفينس فورسز ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ليبيا عرب هٿيابند فوج جي ڊپٽي ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حفتر جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ ملاقات ڪئي. جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي معزز مهمان کي ٽنهي هٿياربند فوجن جي چست جٿي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. اربع ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري …
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ليبيا عرب هٿياربند فوج جي ڊپٽي ڪمانڊر ان چيف جي ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي- 24 جون (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊفينس فورسز ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ليبيا عرب هٿيابند فوج جي ڊپٽي ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حفتر جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ ملاقات ڪئي. جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي معزز مهمان کي ٽنهي هٿياربند فوجن جي چست جٿي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. اربع ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال، دفاعي تعاون ۽ عسڪري سطح تي سهڪار وڌائڻ جي طريقن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي طرفان ٻه طرفي دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ پيشيوراڻي فوجي تربيت ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ سهڪار کي وسعت ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير دوست ملڪن سان امن، استحڪام ۽ تعميري رابطن جي فروغ لاءِ پاڪ فوج جي عزم کي اجاگر ڪيو. معزز مهمان پاڪستان جي هٿيابند فوج جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ ان جي خدمتن جو اعتراف ڪيو.











