اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ڪشمير جي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ پاڪستان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ڪشمير تي ڀارت خلاف 5 جنگيون وڙهيون آهن، ان جي سرحدن جي حفاظت اسان جي هٿياربند فوج ڪري رهي آهي، پاڪتان مخالف بيان، ملڪي ادارن ۽ شهيدن جي توهين ڳڻتي جوڳي آهي. اربع ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ راجا پرويز اشرف طرفان اُٿاريل نُڪتن …
ڪشمير جي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ پاڪستان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ملڪ مخالف بيان، ملڪي ادارن ۽ شهيدن جي توهين ڳڻتي جوڳي آهي: بچاءُ وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ڪشمير جي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ پاڪستان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ڪشمير تي ڀارت خلاف 5 جنگيون وڙهيون آهن، ان جي سرحدن جي حفاظت اسان جي هٿياربند فوج ڪري رهي آهي، پاڪتان مخالف بيان، ملڪي ادارن ۽ شهيدن جي توهين ڳڻتي جوڳي آهي. اربع ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ راجا پرويز اشرف طرفان اُٿاريل نُڪتن جو جواب ڏيندي هن چيو ته ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام 78 سالن کان آزاديءَ لاءِ جدوجهد جاري رکندي پئي اچي ۽ کين پاڪستان پنهنجي وابستگي ۽ محبت جي اظهار ۾ وڏيون قربانيون ۽ شهادتون ڏنيون آهن، ڪشميرين جي سُڃاڻپ ۽ جدوجهد قرباني، هجرت ۽ ڊگهي مزاحمت جي تاريخ آهي، اهي ماڻهو آزاديءَ کي مڪمل طور تي نٿا سمجهي سگهن جن ان لاءِ قربانيون نه ڏنيون هجن، پاڪستان ۽ ڪشمير وچ ۾ گڏيل جدوجهد ۽ گڏيل عزم جي رشتي تي قائم آهي، جيڪڏهن مان پاڪستان جي سلامتي خلاف ڳالهيون ڪريان ته مان پاڪستاني ناهيان. سندس چوڻ هو ته ڪنٽرول لائن تي اسان جي فوج پهرو ڏئي ٿي جنهن ۾ چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جا جوان شامل آهن، اسان ڪشمير لاءِ 5 جنگيون وڙهيون ۽ بدليءَ ۾ اسان کي گاريون ڏنيون وڃن ٿيون جيڪي قبولڻ جوڳيون ناهن.











