اسلام آباد - 24 جون (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان ايوان صدر ۾ گڏيل قومن جي پاڪستان ۾ ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحى ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي مختلف ادارن جي نمائندن ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي نظام جي وچ ۾ تعاون، قومي ترقياتي ترجيحن، …
آصفه ڀٽو زرداري سان گڏيل قومن جي پاڪستان ۾ ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحى ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي مختلف ادارن جي نمائندن جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان ايوان صدر ۾ گڏيل قومن جي پاڪستان ۾ ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحى ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي مختلف ادارن جي نمائندن ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي نظام جي وچ ۾ تعاون، قومي ترقياتي ترجيحن، موسمياتي تبديلي، تعليم، سماجي تحفظ، صحت ۽ پائيدار ترقي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جي آجيان ڪندي خاتون اول چيو ته پاڪستان گڏيل قومن سان پنهنجي ويجهي ۽ گهڻ رخي تعاون کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ڪنٽري ٽيم جي ڪم کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن سڄي ملڪ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ گڏيل قومن جي ادارن، فنڊز ۽ پروگرامن جي ڪوششن ساراهيو ۽ خاص طور تي عوامي صحت، ٻارن جي ڀلائي، پائيدار ترقياتي هدف ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. آصفه ڀٽو زرداري قومي ترقياتي ترجيحن ۽ منصوبن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي ڪنٽري ٽيم سان ويجهو تعاون جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بريفنگ دوران کيس آگاهه ڪيو ويو ته گڏيل قومون 1947ع کان پاڪستان ۾ موجود آهي ۽ هن وقت سڄي ملڪ ۾ اٽڪل 4000 ملازم خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. انهن کي پاڪستان جي ترقي، انساني همدرديءَ ۽ سماجي شعبن جي ترجيحن جي لاءِ مختلف گڏيل قومن جي ادارن جي معاونت بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. صحت بابت قدمن تي ڳالهائيندي خاتون اول پوليو کان پاڪ پاڪستان جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ گڏيل قومن جي مسلسل معاونت کي ساراهيو. محمد يحى پوليو جي خاتمي جي لاءِ خاتون اول جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ايندڙ 12 مهينا ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انتهائي اهم هوندا. خاتون اول عوامي صحت جي شعبي ۾ جدت جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته مصنوعي ذهانت (اي آءِ) سميت جديد ٽيڪنالاجيز کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي ته پوليو ويڪسين هر گهر تائين پهچي سگهي. هن سڄي پاڪستان ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ غذائيت جي خدمتن کي مضبوط بڻائڻ ۾ گڏيل قومن جي مسلسل معاونت کي پڻ ساراهيو. ان ڏس ۾ هن عورتن ۽ ٻارن جي ڀلائي لاءِ “بينظير نشونما پروگرام” جي اهميت کي اجاگر ڪيو. خاتون اول کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 41 سيڪڙو ٻار نشونما جي کوٽ جو شڪار آهن جيڪا دنيا ۾ بلند ترين شرحن مان هڪ آهي جڏهن ته غذائي کوٽ ٻارن جي صحت، تعليمي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي موقعن تي منفي اثر وجهي ٿي. بريفنگ ۾ ماءُ جي صحت، رت جي کوٽ، گهٽ عمر جي شادين ۽ تربيت يافته طبي سهولتن تائين پهچ جي مسئلن تي پڻ روشني وڌي وئي. بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته ٻارن ۽ مائرن جي صحت پاڪستان پيپلزپارٽي جي منشور جو اهم حصو آهي ۽ عورتن ۽ ٻارن جي صحت ۽ غذائيت جي بهتر نتيجن جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ عورتن جي صحت، ٻارڙين جي تعليم، معاشي شموليت ۽ صنفي بنيادن تي تشدد کان تحفظ جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. خاتون اول عورتن جي لاءِ بهتر موقعن، تعليم، صحت ۽ معاشي خودمختياري جي فروغ جي قدمن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. آصفه ڀٽو زرداري اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل قومون پاڪستان جي ترقياتي ۽ موسمياتي مالي معاونت حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو تعاون جاري رکندو. خاتون اول موسمياتي تبديلي کي موجوده دور جي سڀ کان اهم چئيلنجز مان هڪ قرار ڏنو. هن 2022ع ۽ 2025ع جي ٻوڏ جو حوالو ڏيندي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ گڏيل قومن جي تعاون کي ساراهيو جنهن ۾ جنوري 2023ع ۾ “ڪلائميٽ ريزيلينٽ پاڪستان” بابت عالمي ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني پڻ شامل آهي. هن “ليونگ انڊس” ۽ “ري چارج پاڪستان” جهڙن منصوبن کي موسمياتي هڪ جهڙائي ۽ ڊگهي مدي واري استحڪام جي لاءِ اهم قرار ڏنو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل قومون پاڪستان ۾ پنهنجي انساني همدرديءَ جي سرگرمين ۾ کوٽ جي عبوري مرحلي دوران قومي ادارن جي آفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ ۾ تعاون جاري رکندو. خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جون ڪيتريون ئي برادريون اڃان به سماجي ۽ معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيون آهن جتي معياري تعليم ۽ مناسب غذائيت تائين پهچ مشڪل آهي. سنڌ ۾ ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي قدمن جو ذڪر ڪندي هن متاثر خاندانن جي لاءِ صوبائي حڪومت جي وسيع پئماني تي هائوسنگ منصوبي کي مضبوط ۽ پائيدار ڪميونٽيز جي تعمير طرف اهم قدم قرار ڏنو. گڏيل قومن جي وفد کي پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريندي خاتون اول چيو ته ٻارن جي صحت، غذائيت، تعليم، پوليو جي خاتمي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ سماجي ترقي جي فروغ ۾ منهنجو آواز توهان جو آواز آهي، اسان گڏجي پنهنجي عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پُرعزم آهيون ته ڪو به ٻار يا عورت پٺتي نه رهجي وڃي. محمد يحى قومي ادارن ۽ حصيدارن سان مسلسل تعاون جي ذريعي پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن ۾ معاونت جي لاءِ گڏيل قومن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا، قومي اسيمبلي ميمبر شازيه مري ۽ خوام جي عالمي پروگرام (ڊبليو ايف پي)، يونيسيف، صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او)، يو اين ايف پي اي، يو اين ايڇ سي آر، آءِ او ايم، يونيسڪو ۽ يو اين وومين جي نمائندن شرڪت ڪئي.











