اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن ۽ ملڪ جي سڃاڻپ هاڻ امن، استحڪام ۽ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ سان ڳنڍجي رهي آهي، حڪومت جي پاليسين، سول ۽ عسڪري قيادت جي گڏيل سهڪار سبب پاڪستان عالمي سطح تي هڪ ذميدار ۽ هاڪاري ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ طور اُڀري رهيو آهي. …
پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن: وفاقي وزير خواجه محمد آصف

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن ۽ ملڪ جي سڃاڻپ هاڻ امن، استحڪام ۽ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ سان ڳنڍجي رهي آهي، حڪومت جي پاليسين، سول ۽ عسڪري قيادت جي گڏيل سهڪار سبب پاڪستان عالمي سطح تي هڪ ذميدار ۽ هاڪاري ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ طور اُڀري رهيو آهي. اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته خطي ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ بلوچستان ۾ پائيدار امن اڻٽر آهي. هن چيو ته واپاري راهدارين، ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ چُرپر جي مختلف منصوبن سان نه صرف ملڪي معيشت کي فائدو پهچندو پر پاڪستان جو عوام به سڌيءَ ريت فائدو کڻندو، جنهن سان صوبي ۾ ترقي ۽ استحڪام جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. خواجه آصف چيو ته پاڪستان تازي عرصي ۾ عالمي سطح تي هاڪاري سفارتي ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي ساک ۾ نمايان بهتري آئي آهي. هن چيو ته اهو به وقت هو جڏهن پاڪستان جو ذڪر دهشتگردي ۽ سيڪيورٽي مسئلن جي روشنيءَ ۾ ڪيو ويندو هو، جڏهن ته اڄ عالمي برادري پاڪستان کي امن، مفاهمت ۽ علائقائي استحڪام لاءِ ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ طور تي ڏسي رهي آهي. هن، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آرمي اسٽاف فيڊل مارشل سيد عاصم منير جي اڳواڻيءَ کي ساراهيندي چيو ته ٻنهي اڳواڻن ملڪ کي سياسي، معاشي ۽ آئيني استحڪام جي راهه تي گامزن رکڻ لاءِ اثرائتو ۽ ذميدارڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته موجوده قيادت قومي مفاد کي مٿانهون رکندي ملڪ کي درپيش چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي تحت اڳتي وڌائي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سول ۽ عسڪري قيادت وچ ۾ هم آهنگي جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. هن چيو ته ماضيءَ ۾ رياستي ادارن وچ ۾ تڪرارن سان ملڪ کي نقصان پهتو، جڏهن ته موجوده قيادت ان حقيقت کان چڱيءَ ريت آگاهه آهي ته پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ سمورن ادارن کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهندي گڏيل سهڪار سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته قومي مسئلن جي حل ۽ رياستي نظام جي اثرائتي انداز ۾ هلائڻ لاءِ ادارن وچ ۾ سهڪار ۽ اعتماد اڻٽر آهي ۽ اهو ئي طرزِ عمل ملڪ کي درپيش سياسي ۽ معاشي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت ملڪ ۾ سياسي استحڪام، معاشي ترقي ۽ قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي ته جيئن پاڪستان کي هڪ مضبوط، مستحڪم ۽ خوشحالي رياست بڻائي سگهجي.











