وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني پاران برگن اسٽاڪ ۾ ٽيڪنيڪي سطح جي ڳالهه ٻولهه جي پهرين دور تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد - 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني برگن اسٽاڪ ۾ ٽيڪنيڪي سطح جي ڳالهه ٻولهه جي پهرين دور تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڳالهه ٻولهه جي ڪاميابي جي لاءِ مثبت اڳڀرائي جو سلسلو جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ اتفاق ڪيو آهي ته ڳالهه ٻولهه جي عمل کي نقصان پهچائيندڙ ڪوششن کان …

اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني برگن اسٽاڪ ۾ ٽيڪنيڪي سطح جي ڳالهه ٻولهه جي پهرين دور تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڳالهه ٻولهه جي ڪاميابي جي لاءِ مثبت اڳڀرائي جو سلسلو جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ اتفاق ڪيو آهي ته ڳالهه ٻولهه جي عمل کي نقصان پهچائيندڙ ڪوششن کان محفوظ رکڻ ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني ٽيليفون ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ انتهائي خوشگوار ۽ دوستاڻي ڳالهه ٻولهه ٿي. قطر جي امير وزيراعظم کي پاڪستان جي ڪامياب سفارتي ڪوششن تي مبارڪباد ڏني جن جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيون. هن وزيراعظم جي قيادت کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي امن ڪوششن جي لاءِ قطر جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم قطر جي امير جي امن جي ڪوششن ۾ مسلسل ۽ ڀرپور تعاون تي ٿورا ادا ڪندي چيو ته اها ڪاميابي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ قطر سميت ڀائر ملڪن جي اهم ڪردار جي ڪري ممڪن ٿي. ٻنهي اڳواڻن سوئٽزرلينڊ جي علائقي برگن اسٽاڪ ۾ ٿيندڙ ٽيڪنيڪي سطح جي ڳالهه ٻولهه جي پهرين دور تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مثبت اڳڀرائي جو سلسلو جاري رهڻ گهرجي ته جيئن ڳالهه ٻولهه ڪامياب ٿي سگهي. ان سلسلي ۾ ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته ڳالهه ٻولهه واري عمل کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن کان محفوظ رکڻ ضروري آهي. قطر جي امير راس لفان انڊسٽريل سٽي جي برزان گئس ٺڪاڻي ۾ باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي ۾ هڪ پاڪستاني شهري جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم سندس همدرديءَ تي ٿورا ادا ڪيا ۽ قطر جي قيادت جي قطر ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جنهن جو انگ هاڻي 3 لک کان وڌيڪ آهي، جي فراخدلاڻي ميزباني کي ساراهيو. وزيراعظم هلندڙ سال پنهنجي دوحه جي دوري جو ذڪر ڪندي قطر جي امير کي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. قطر جي امير هلندڙ سال جي آخر ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ته جيئن ٻطرفي تعاون ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. ٻنهي اڳواڻن ايندڙ ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهو رابطو ۽ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.


مزید خبریں