اسلام آباد - 24 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته حڪومت راولپنڊي ۽ اسلام آباد پاڻي جي مسئلن جي مستقل حل لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي ۽ غازي بروٿا سميت اهم پاڻي منصوبن تي اڳڀرائي جاري آهي. اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڻي جو مسئلو هن وقت ملڪ جي اهم ترين مسئلن مان …
حڪومت راولپنڊي ۽ اسلام آباد پاڻي جي مسئلن جي مستقل حل لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي: بئريسٽر دانيال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته حڪومت راولپنڊي ۽ اسلام آباد پاڻي جي مسئلن جي مستقل حل لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي ۽ غازي بروٿا سميت اهم پاڻي منصوبن تي اڳڀرائي جاري آهي. اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڻي جو مسئلو هن وقت ملڪ جي اهم ترين مسئلن مان هڪ آهي ۽ حڪومت ان جي حل لاءِ ٺوس پاليسي تحت ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي عوام کي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف منصوبن تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته غازي بروٿا منصوبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ حڪومت ان جي تڪميل جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ماضي ۾ به راولپنڊي کي پاڻي جي فراهمي جي لاءِ مختلف منصوبن تي محنت ڪئي وئي ۽ انهن کي منظور ڪرايو ويو جڏهن ته موجوده حڪومت به ان سلسلي کي اڳتي وڌائي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته راولپنڊي جي پاڻي جي مسئلي کي ان جي هڪومتي دور ۾ اهڙي انداز سان حل ڪيو وڃي جو ايندڙ 20 کان 25 سالن تائين شهرين کي ان حوالي سان مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي. بلدياتي نظام بابت سوال جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري چيو ته ملڪ جي وڏن شهرن خاص طور تي ڪراچي کي بنيادي شهري سهولتن ۽ انفراسٽرڪچر جي حوالي سان درپيش مسئلن جي حل تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته وفاق شهري مسئلن جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو جڏهن ته عوامي مسئلن کي اجاگر ڪندڙن جي تجويزن جي آجيان ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته حڪومت اتحادي پارٽين جي تعاون سان بجيٽ ڪاميابي سان منظور ڪرايو آهي ۽ هاڻي عوام کي درپيش ننڍن وڏن مسئلن جي حل تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته ڪراچي ۽ لاهور ٻئي وڏا ۽ اهم شهر آهن جن جا مسئلا ۽ ضرورتون مختلف آهن جڏهن ته حڪومت ٻنهي شهرن ۾ ترقياتي منصوبن ۽ انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ ڪم جاري رکيو آهي. هن چيو ته ايندڙ هر ڏينهن عوام جي لاءِ بهتري ۽ ترقي جي نئين نويد کڻي ايندو.











