وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ مسلم ليگ (ن) جي سينئر نائب صدر سيد شاهه محمد شاهه جي جُدا جُدا ملاقات

اسلام آباد - 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي ميمبرن عاصمه ارباب عالمگير، عامر طلال گوپانگ، مير پولين بلوچ، اياز علي شاهه شيرازي ۽ نوشين افتخار کانسواءِ مسلم ليگ (ن) جي سينئر نائب صدر سيد شاهه محمد شاهه جُدا جُدا ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب قومي اسيمبلي جي ميمبرن مالي سال 2027-2026ع جي عوام …





اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي ميمبرن عاصمه ارباب عالمگير، عامر طلال گوپانگ، مير پولين بلوچ، اياز علي شاهه شيرازي ۽ نوشين افتخار کانسواءِ مسلم ليگ (ن) جي سينئر نائب صدر سيد شاهه محمد شاهه جُدا جُدا ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب قومي اسيمبلي جي ميمبرن مالي سال 2027-2026ع جي عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي موثر سفارتي ڪردار تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقاتن ۾ لاڳاپيل تڪن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جڏهن ته ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي پُڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پبلڪ افيئرز يونٽ جو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار طلحهٰ برڪي پڻ ان موقعي تي موجود هئا.