اسلام آباد- 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان سان سندس پراڻو تعلق ۽ احترام جو رشتو آهي، سندس ۽ مولانا جي وچ ۾ جيڪي اڪيلائي ۾ ڳالهيون ٿيُون آهن اُهي سدائين راز ۾ رهنديون. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان جي تقرير بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته مولانا فضل الرحمان سان سندس پراڻو تعلق آهي، سندس ۽ …
مولانا فضل الرحمان سان پراڻو تعلق ۽ احترام جو رشتو آهي، ساڻس اڪيلائي ۾ ٿيل ڳالهيون سدائين راز ۾ رهنديون: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان سان سندس پراڻو تعلق ۽ احترام جو رشتو آهي، سندس ۽ مولانا جي وچ ۾ جيڪي اڪيلائي ۾ ڳالهيون ٿيُون آهن اُهي سدائين راز ۾ رهنديون. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان جي تقرير بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته مولانا فضل الرحمان سان سندس پراڻو تعلق آهي، سندس ۽ مولانا جي وچ ۾ اڪيلائي ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيُون آهن اُهي قيامت تائين راز رهنديون ۽ مون سان گڏ قبر ۾ وينديون. ان کان اڳ جڏهن وزيراعظم ايوان ۾ پهتو ته ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم سڌو مخالف ڌر جي سيٽن تي ويو ۽ مخالف ڌر اڳواڻ محمود خان اچڪزئي، گوهر علي خان، مولانا فضل الرحمان، لطيف کوسا، حميد حسين سميت پهرين قطار ۾ ويٺل مخالف ڌر جي ميمبرن سان هٿ ملايو. هن مولانا فضل الرحمان سان ڪُجهه دير ڳالهه ٻولهه به ڪئي. بعد ۾، مولانا فضل الرحمان پاران ايوان ۾ اٿاريل ڪجهه نقطن جي جواب ۾، هن چيو ته هن جا مولانا فضل الرحمان سان بهترين لاڳاپا آهن ۽ ساڻس احترام وارو رشتو آهي، سندس تقرير مُون ٻڌي آهي، مُنهنجي اڪثر مولانا فضل الرحمان سان مُلاقات ٿيندي رهندي آهي. هُن جي ۽ منهنجي وچ ۾ جيڪي اڪيلائي ۾ ڳالهيون ٿيُون آهن اهي قيامت تائين راز آهن ۽ قبر ۾ مُون سان گڏ وينديون. بعد ۾، مولانا فضل الرحمان مسڪرائيندي چيو ته وزيراعظم جنهن محبت جو اظهار ڪيو آهي آئُون اُن جي آجيان ڪريان ٿو. جيڪڏهن هو اڪيلائي ۾ ٿيندڙ ڳالهين کي عام ڪري ٿو ته هو ناراض نه ٿيندو، جنهن تي وزيراعظم چيو ته هو مولانا فضل الرحمان جي آڇ کي سندس فراخدلي جي بنياد تي قبول نه ڪندو ڇاڪاڻ ته ان سان معاملا تمام پري تائين هليا ويندا. جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري به وزيراعظم سان سندس ڪرسي تي وڃي هٿ ملايو.










