اسلام آباد- 24 جون (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايراني گهرو وزير ڊاڪٽر اسڪندر مومني سان هڪ اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ ايران لاڳاپن، امن معاهدي کانپوءِ خطي جي تازي صورتحال ۽ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران ايراني گهرو وزير ڊاڪٽر اسڪندر مومني ايراني صدر ۽ سندس وفد جي پاڪستان آمد تي پرجوش استقبال ڪرڻ تي پاڪستاني قيادت ۽ …
پاڪستان ۽ ايران جي گهرو وزيرن جي ملاقات، اهم علائقائي معاملن ۽ سيڪيورٽي تعاون تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد- 24 جون (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايراني گهرو وزير ڊاڪٽر اسڪندر مومني سان هڪ اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ ايران لاڳاپن، امن معاهدي کانپوءِ خطي جي تازي صورتحال ۽ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران ايراني گهرو وزير ڊاڪٽر اسڪندر مومني ايراني صدر ۽ سندس وفد جي پاڪستان آمد تي پرجوش استقبال ڪرڻ تي پاڪستاني قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. ٻنهي گهرو وزيرن خطي ۾ تڪرار ۾ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ گڏيل اعلان تي پنهنجي ايراني هم منصب کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي معاهدو ايراني حڪومت ۽ ان جي مخلصاڻين ڪوششن کانسواءِ ممڪن نه هو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان سدائين دنيا ۾ امن ۽ استحڪام جي خواهشمند رهيو آهي ۽ وچ اوڀر ۾ پائيدار امن لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ايراني گهرو وزير ايران-آمريڪا ڳالهين ۾ پاڪستان جي مخلصاڻي ڪردار ۽ پاڪستاني قوم جي ڀرپُور تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته هو جلد پاڪستان جو تفصيلي دورو ڪندو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي گهرو وزارتن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائي سگهجي. مُلاقات ۾ سيڪيورٽي تعاون، دهشتگردي جي خاتمي، سائبر سيڪيورٽي ۽ اميگريشن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. محسن نقوي اميد ظاهر ڪئي ته هِن امن معاهدي جا خطي ۾ ڏُور رس نتيجا سامهُون ايندا. ان اهم مُلاقات ۾ گهرو معاملن جو وزير مملڪتي وزير طلال چوڌري، گهرو سيڪريٽري، ايڊيشنل گهرُو سيڪريٽري ، ڊي جي ايف آءِ اي، ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي ۽ ڊي جي اين سي سي آءِ اي پڻ موجود هئا.










