اسلام آباد - 23 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت معاهدي جي شڪل اختيار ڪندو ۽ ترقي جون نيون راهون کلنديون جڏهن ته ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان ڳالهه ٻولهه واري عمل ۾ پاڪستان جي بهترين ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي اهم ڪردار جا معترف آهيون، اسلام …
اسلام آباد مفاهمتي يادداشت معاهدي جي شڪل اختيار ڪندو ۽ ترقي جون نيون راهون کلنديون(وزيراعظم محمد شهباز شريف) امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي اهم ڪردار جا معترف آهيون: ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت معاهدي جي شڪل اختيار ڪندو ۽ ترقي جون نيون راهون کلنديون جڏهن ته ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان ڳالهه ٻولهه واري عمل ۾ پاڪستان جي بهترين ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي اهم ڪردار جا معترف آهيون، اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحون پاڪستان تي اعتماد جي ڪري ممڪن ٿيون، چئلينجز تي ضابطو آڻيندي خوشحال گڏيل مستقبل جي لاءِ اڳتي وڌڻو آهي، خطي ۾ امن ۽ سلامتي ۽ پائيدار ترقي علائقائي رابطن جي فروغ ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه سان ئي ممڪن آهي. اڱاري ڏينهن ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي پاڪستان جي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان ٻطرفي وفدن جي سطح تي ملاقات کانپوءِ گڏيل نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. وزيراعظم فارسي شعر جي ذريعي ايران سان ويجهي لاڳاپن جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته دوست اهو ئي هوندو آهي جيڪو مشڪل وقت ۾ گڏ هجي. صدر مسعود پزشڪيان ۽ سندس وفد جي پاڪستان جي دوري تي تمام گهڻي خوشي ٿي، صدر مسعود پزشڪيان عظيم ملڪ جو عظيم اڳواڻ آهي، بطور ڊاڪٽر به ايراني صدر جي انسانيت جي تمام گهڻي خدمت آهي. وزيراعظم ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ جي خاتمي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته بطور ثالث پاڪستان امن عمل جي لاءِ سچي نيت سان ڪوششون ڪيون. برگن اسٽاڪ ۾ ٿيندڙ ٽيڪنيڪي ڳالهه ٻولهه پڻ تمام گهڻي اهميت واري رهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت معاهدي جي شڪل اختيار ڪندو ۽ ترقي جون نيون راهون کلنديون. وزيراعظم سپريم ليڊر آيت الله مجتبى خامنه اي جي دورانديش قيادت کي ساراهيندي چيو ته بحران دوران ايران جي عوام مثالي جرئت ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪيو. هن جنگ ۾ هزارين قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي شهادت پڻ تمام وڏو نقصان آهي. هن مشڪل وقت ۾ ايران جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران پاڙيسري ئي نه هزارين سالن جي تهذيب سان پڻ ڳنڍيل آهن، ايران جي ڪاميابي کي پنهنجي ڪاميابي ۽ نقصان کي پنهنجو نقصان سمجهون ٿا. وزيراعظم ثالثي عمل ۾ پاڪستان تي اعتماد جي اظهار تي ايراني قيادت جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته امن عمل ۾ قطر جي امير، سعودي ولي عهد، ترڪيه ۽ مصر جي صدرن جي حمايت تي پڻ ٿورائتو آهيان. وزيراعظم ڳالهه ٻولهه واري عمل ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اڻٿڪ محنت ۽ لڳاءُ کي ساراهيندي چيو ته نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير محسن نقوي پڻ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ايران هر مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. وزيراعظم پنهنجي ڳالهه ٻولهه جي پڄاڻي پاڪستان – ايران دوستي زندهه آباد تي ڪئي. ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان ان موقعي تي پنهنجي ڳالهه ٻولهه جي شروعات مفڪر پاڪستان علامه محمد اقبال جي شعر سان ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا منفرد نوعيت رکندڙ آهن، پاڪستان ۽ ايران هڪ جان ۽ ٻه دل آهن، ٻئي ملڪ گڏيل مستقبل ۽ منزل جا حصيدار آهن. هن چيو ته پاڪستان رڳو اسان جو پاڙيسري ئي نه، اسان جو ڀاءُ ۽ ويجهو دوست آهي، اسلام آباد ۽ تهران جي وچ ۾ لاڳاپا ويجهي اعتماد ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. وزيراعظم چيو ته ويجهي ماضي ۾ ٿيندڙ واقعن ٻنهي ملڪن جي ويجهي رشتي کي نئين سگهه ڏني. ڳالهه ٻولهه واري عمل ۾ پاڪستان بهترين ڪردار ادا ڪيو، امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي اهم ڪردار جا معترف آهيون. هن چيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحون پاڪستان تي اعتماد جي ڪري ممڪن ٿيون. هن شاندار استقبال ۽ ڀرپور ميزباني تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو پاڪستان جي دوري لاءِ دعوت ڏيڻ تي پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف جو ٿورائتو آهي. هن چيو ته دوري جي دوران صدر، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سان تعميري ملاقاتون ٿيون جن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. چئلينجز تي ضابطو آڻيندي خوشحال گڏيل مستقبل جي لاءِ اڳتي وڌڻو آهي، خطي ۾ امن ۽ سلامتي ۽ پائيدار ترقي علائقائي رابطن جي فروغ ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه سان ئي ممڪن آهي. امن عمل جي لاءِ قطر، ترڪيه، سعودي عرب، مصر جي قيادت ۽ دوست ملڪن جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ثالثي عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته جنگ جي شروع ٿيڻ کان مفاهمتي يادداشت تائين هر مرحلي ۾ پاڪستان اڻٿڪ مخلصاڻيون ڪوششون ڪيون.










