اسلام آباد - 23 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ثالثي جي لاءِ ايران جي اعتماد تي ٿورا ادا ڪندي چيو آهي ته پاڪستان امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو اهم ڪردار جاري رکندو، ايران ترقي جون نيون منزلون طئي ڪندو، گڏيل ترقي ۽ مستقبل جي لاءِ گڏجي اڳتي وڌنداسين، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪنداسين، اسان جون خوشيون …
پاڪستان ۽ ايران گڏيل ترقي ۽ مستقبل جي لاءِ گڏجي اڳتي وڌندا، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪنداسين، ايران ترقي جون نيون منزلون طئي ڪندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ثالثي جي لاءِ ايران جي اعتماد تي ٿورا ادا ڪندي چيو آهي ته پاڪستان امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو اهم ڪردار جاري رکندو، ايران ترقي جون نيون منزلون طئي ڪندو، گڏيل ترقي ۽ مستقبل جي لاءِ گڏجي اڳتي وڌنداسين، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪنداسين، اسان جون خوشيون ۽ ڏک هڪ جهڙا آهن، مفاهمتي يادداشت ۾ بيلسٽڪ ميزائيل پروگرام بابت ڪا ڳالهه نه ٿي، ٻٽو معيار نه هجڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان وفدن جي سطح تي ملاقات دوران شروعاتي خطاب ۾ ڪيو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ شريڪ هئا. وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي ڀاءُ مسعود پزشڪيان کي پاڪستان جي دوري تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڀليڪار چوي ٿو، اڄ ايران جي صدر ۽ سندس وفد جو هتي استقبال ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي. هن پاڪستان جي دوري لاءِ دعوت قبول ڪرڻ تي ايراني صدر جا ٿورا ادا ڪيا ۽ چيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحن کانپوءِ ان دوري تي تمام گهڻي خوشي آهي. وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر مجتبى خامنه اي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته سندس ويزنري قيادت ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ۽ جنگبندي جي لاءِ ايران وقار ۽ عزت سان صحيحون ڪيون. هن معصوم جانين جي زيان تي ايراني قيادت سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ايراني قوم جرئت ۽ بهادري سان صورتحال کي منهن ڏنو. وزيراعظم پاڪستان جي ثالثي تي اعتماد تي ايران جي قيادت جا ٿورا ادا ڪيا ۽ چيو ته حقيقي ڀائيچاري کي ڪڏهن جوابده ناهي ٿيڻو پوندو، اسان ايران کي ڪڏهن به مايوس ٿيڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان هتي روشن مستقبل جي لاءِ گڏ ٿيا آهيون. هن پائيدار امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته مفاهمتي يادداشت تي عزت ۽ وقار سان صحيحون ٿيون. ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ويجهي ڀائيچاري جو اعلى مثال آهن. هن يقين ڏياريو ته پاڪستان امن ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم ڪردار جاري رکندو. وزيراعظم ايران جي قيادت ۽ عوام جي بهادري، جذبي، عزم ۽ همت کي ساراهيو. هن امن ڳالهه ٻولهه جي لاءِ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اڻٿڪ ڪردار کي ساراهيندي چيو ته الله جو فضل ٿيو ۽ ثالثي جي ڪوششن کي ڪاميابي ملي، گڏيل ڪوششن ۽ عزم سان ان مرحلي تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. وزيراعظم چيو ته برگن اسٽاڪ ۾ ٽيڪنيڪي سطح جي ڳالهه ٻولهه به اهميت رکندڙ آهي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي، گهرو وزير محسن نقوي جو ڪردار پڻ ساراهه جوڳو آهي. هن امن جي لاءِ ڪوششن ۾ تعاون تي دوست ملڪن خاص طور تي قطر، سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جي قيادت کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان گڏجي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪنداسين. اقتصادي تعاون، واپار، سيڙپڪاري، نئين سر تعمير سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ پُرعزم آهيون. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته صدر مسعود پزشڪيان جي قيادت ۾ ايران ترقي جون نيون منزلون طئي ڪندو، گڏيل ترقي ۽ مستقبل جي لاءِ گڏجي اڳتي وڌنداسين. وزيراعظم چيو ته ايران ۽ پاڪستان سدائين جي لاءِ دوست ۽ ڀائر آهن، اسان جون خوشيون ۽ ڏک هڪ جهڙا آهن. وزيراعظم وچ اوڀر، نار ۽ خطي ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي واضح ڪيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ۾ بيلسٽڪ ميزائيل پروگرام بابت ڪا ڳالهه نه ٿي، اها ڳالهه نه ايجنڊا تي آهي ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته شرپسند عنصر جنگ جي شعلن کي وسائڻ نه ٿا چاهين، اهي امن عمل کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، بيلسٽڪ ميزائيڪ جي حوالي سان ٻٽو معيار نه هجڻ گهرجي، ائين نه ٿو ٿي سگهي ته ٻين ملڪن وٽ بيلسٽڪ ميزائيل هجن ۽ ايران وٽ نه، ان نقطي تي ڪنهن قسم جو ابهام نه هجڻ گهرجي.










