صدر آصف علي زرداري سان اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي ملاقات، گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد - 23 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي امن ۽ سلامتي، ٻطرفي ۽ علائقائي رابطن، اقتصادي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايراني صدر سان گڏ پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي، صدر جي آفيس جو سربراهه محسن حاجي …

اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي امن ۽ سلامتي، ٻطرفي ۽ علائقائي رابطن، اقتصادي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايراني صدر سان گڏ پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي، صدر جي آفيس جو سربراهه محسن حاجي ميرزائي، گهرو وزير سڪندر مومني، صدر جي آفيس جو سياسي معاملن بابت سربراهه سعيد عباس موسوي ۽ پاڪستان ۾ ايران جو سفير رضا اميري مقدم پڻ موجود هئا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان پاران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين ۽ اڳوڻو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي گهرو سيد محسن رضا نقوي، گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري، سينيٽ ۾ چيف وهپ سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ ڊاڪٽر عاصم حسين ملاقات ۾ شريڪ هئا.

صدر آصف علي زرداري تازي تڪرار کانپوءِ پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري تي آيل صدر پزشڪيان جي آجيان ڪندي چيو ته هي دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن ۽ خوشي ۽ ڏک ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيهڻ جي عزم جو مظهر آهي. هن اسلام آباد مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ٿيڻ تي صدر پزشڪيان کي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته جاري ٽيڪنيڪي سطح جي ڳالهه ٻولهه خطي ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪارائتي ثابت ٿيندي. صدر آصف علي زرداري ايران جي امن، استحڪام، قومي اتحاد، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي اصولي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سدائين هڪطرفي قدمن جي مخالفت ڪندو رهيو آهي ۽ علائقائي ۽ عالمي چئلينجز جي پائيدار حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي حمايت ڪري ٿو. هن مسلمان امت جي اتحاد جي تحفظ ۽ نار ملڪن سان مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا برقرار رکڻ جي پاڪستان جي عزم تي پڻ زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر آيت الله علي حسيني خامنه اي جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان سندس تدفين ۾ شرڪت ڪندو.

صدر پزشڪيان امن ۽ ڳالهه ٻولهه جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي مثبت ۽ تعميري ڪوششن تي ٿورا ادا ڪيا ۽ تازي مشڪل حالتن ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪئي ويندڙ حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته ايران، پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ سياسي، اقتصادي، سلامتي ۽ علائقائي معاملن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. صدر آصف علي زرداري صدر پزشڪيان کي درخواست ڪئي ته هو اسلامي جمهوريه ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد مجتبى حسيني خامنه اي جي لاءِ سندس نيڪ خواهشون ۽ گرمجوش سلام پهچائي.

مزید خبریں