توانائي بابت وفاقي وزير  کي ڊورنيئر گروپ ۽ اي واءِ پارٿينن جي تيار ڪيل بئنڪ ايبل فزيبلٽي اسٽڊي پيش ڪئي وئي

اسلام آباد - 23 جون (اي پي پي) توانائي بابت وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري کي ڊورنيئر گروپ ۽ اي واءِ پارٿينن جي تيار ڪيل بئنڪ ايبل فزيبلٽي اسٽڊي پيش ڪئي وئي.  اسٽڊي موجب پاڪستان ڪوئلي جي آمدني واپار  کي مقامي ٿر ڪوئلي سان بدلائي ايندڙ 26 سالن ۾ 3.239 بلين ڊالر بچائي سگهي ٿو. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب اها تاريخي تبديلي ڄامشور پاور پلانٽ يونٽ-01 تي …

اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) توانائي بابت وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري کي ڊورنيئر گروپ ۽ اي واءِ پارٿينن جي تيار ڪيل بئنڪ ايبل فزيبلٽي اسٽڊي پيش ڪئي وئي.  اسٽڊي موجب پاڪستان ڪوئلي جي آمدني واپار  کي مقامي ٿر ڪوئلي سان بدلائي ايندڙ 26 سالن ۾ 3.239 بلين ڊالر بچائي سگهي ٿو. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب اها تاريخي تبديلي ڄامشور پاور پلانٽ يونٽ-01 تي لاڳو ڪئي ويندي جيڪو پاڪستان جو انتهائي جديد (الٽرا سپر ڪريٽيڪل) پاور پلانٽ آهي. جتي ڪوئلي جي آمدني واپار جي جاءِ تي 100 سيڪڙو مقامي ٿر لگنائٽ استعمال ڪيو ويندو. فزيبلٽي اسٽڊي موجب اها تبديلي فني، معاشي ۽ ماحولياتي طور مڪمل طور تي عمل جوڳي آهي. ان تبديلي سان ن ه رڳو پرڏيهي مٽاسٽا واري ناڻي ۾ 2.113 بلين ڊالرن جي بچت ممڪن ٿيندي جنهن سان پاسڪان جي مٽاسٽا وارن ناڻي جي ذخيرن کي مضبوطي ملندي ۽ ڪوئلي جي آمدني واپار جي قيمتن ۾ لاها چاڙها ۽ مٽاسٽا جي اوسر جي خطرن  مان به آزادي ملندي. لاڳت مان فائدي جو شرح 1.8 ايڪس آهي جيڪو سمورين صورتن ۾ انتهائي سازگار آهي. ان منصوبي سان پاور سيڪٽر کي فائدو 1.720 بلين ڊالر ٿيندو جن ۾ پيداواري لاڳت ۾ 1.051  بلين ڊالرن جي بچت ۽ٿرمائن جي توسيع سان 669 ملين ڊالر جا وڌيڪ فائدا شامل آهن. حڪومت کي پرڏيهي قرضن تي وياج جي لاڳت ۾ 1.519  بلين ڊالرن جي بچت ٿيندي جنهن سان مجموعي معاشي فائدو 3.239  بلين ڊالر تائين پهچي وڃي ٿو.  هن چيو ته ان تبديلي تي ڪل لاڳت 116.6 ملين ڊالر آهي جنهن ۾ اونائيٽ سرمايو 86.2 ملين ڊالر آهي. اهو منصوبو برائون فيلڊ ترميم طور ترتيب ڏنو ويو آهي جنهن ۾ ڪو به نئون ڪوئلو ڪيپسيٽي شامل ناهي ڪئي وئي پر هدف ٿيل انجنيئرنگ تبديلين ذريعي موجوده پلانٽ جي قدر کي برقرار رکيو ويندو. ان منصوبي سان ٿرپارڪر ۾ روزگار ۽ انفراسٽرڪچر کي هٿي ملندي جڏهن ته ڪوئلي جي آمدني واپار  تي ڀاڙڻ ختم ٿي توانائي پاڻ ڪفالت جو رستو هموار ٿيندو جيڪو حڪومت جي پاور سيڪٽر رفارم  پلان تحت مقامي وسيلن کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو مظهر آهي. توانائي واري وزير  پاڻ ان منصوبي جي نگراني لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي جنهن جا 38 اجلاس ٿيا جن مان  15 اجلاس پاڻ وزير جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. انهن اجلاسن ۾ ريگيوليٽرز، قرض ڏيندڙن، فني ماهر ۽ پراجيڪٽ اسپانسرز سان گڏوگڏ مشاورت ڪئي ۽ اڳڀرائي ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ اهم مسئلن کي حل ڪيو ويو. توانائي واري وزير  ڪي- اليڪٽرڪ (ڪي اي)، ڄامشورو پاور ڪمپني (جي پي سي ايل) ۽ پرائيويٽ پاور اينڊ انفراسٽرڪلچر بورڊ جو خاص ٿورو ادا ڪيو جن جي ڀرپور مدد سان هي فزيبلٽي اسٽڊي ممڪن ٿي سگهي. ترجمان چيو ته هي منصوبو وزيراعظم شهباز شريف جي پاور سيڪٽر رفارم پلان جو هڪ اهم ٿنڀ آهي جيڪو توانائي جي شعبي ۾ مقامي وسيلن کي هٿي ڏيڻ، مالي استحڪام ۽ ڊگهي مدي واري توانائي تحفظ جي عزم جو اظهار آهي.

مزید خبریں