اسلام آباد - 23 جون (اي پي پي) دفاع واري وزير خواجه محمد آصف پرڏيهي ايجنڊا تي ڪاربند شرپسند عنصرن خلاف چٽو موقف اختيار ڪندي چيو آهي، ته آزاد ڪشمير مان پاڪستان خلاف اٿندڙ پرڏيهي ۽ ناڪاري ايجنڊا سبب متاثر آوازن کي سختي سان جواب ڏيڻ گهرجي. والاريل ڪشمير جي عوام ۽ مهاجرن جي قربانين کي گهٽ سمجهڻ ڪشمير جي مقصد جي انڪار برابر آهي. اڱاري ڏينهن سوشل ميڊيا ”ايڪس“ …
آزاد ڪشمير مان پاڪستان خلاف اٿندڙ پرڏيهي ۽ ناڪاري ايجنڊا جي آوازن جو سختي سان جواب ڏيڻ گهرجي: دفاع وارو وزير

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) دفاع واري وزير خواجه محمد آصف پرڏيهي ايجنڊا تي ڪاربند شرپسند عنصرن خلاف چٽو موقف اختيار ڪندي چيو آهي، ته آزاد ڪشمير مان پاڪستان خلاف اٿندڙ پرڏيهي ۽ ناڪاري ايجنڊا سبب متاثر آوازن کي سختي سان جواب ڏيڻ گهرجي. والاريل ڪشمير جي عوام ۽ مهاجرن جي قربانين کي گهٽ سمجهڻ ڪشمير جي مقصد جي انڪار برابر آهي. اڱاري ڏينهن سوشل ميڊيا ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته منهنجا آزاد ڄمون ڪشمير جي بحران بابت رمارڪس صاف ۽ ديانتداري تي ٻڌل هئا. جن ماڻهن جا ڳجهي ۽ ناڪاري ايجنڊا هئي، اهي منهنجي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اهي ماڻهو مون کي ڪشمير کان، پاڪستان سان ڪشمير کي يا پاڪستان کي ڪشمير کان ڌار نٿا ڪري سگهن، انهن ڪشميرين جون قربانيون جن آڪٽوبر 1947ع ۾ هجرت ڪري پاڪستان جو رخ ڪيو، تاريخ ۾ درج آهن. دفاع واري وزير چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قبضي خلاف ڪشميرين جي جدوجهد گذريل 78 سالن کان قربانيون، شهادتون ۽ جيلن ۾ قيد رهڻ جي هڪ ڊگهي داستان آهي، پاڪستان جو ڪشمير جي مقصد سان وابستگي جو ثبوت اسان جي شهيدن جي رت ۾ موجود آهي، جيڪو 5 جنگين ۾ وهايو ويو، پاڪستان جو ڪشمير جي مقصد سان وابستگي جو ثبوت گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب خوداراديت وارو حق ۽ ريفرنڊم جي اصولي موقف تي ٻڌل آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام ۽ مهاجرن جي قربانين کي گهٽ سمجهڻ ڪشمير جي مقصد کان انڪار برابر آهي. ڪشميريت جي تعريف پيدائشي سرٽيفڪيٽ سان نه پر اها جدوجهد ۽ قربانين ۾ آهي، جيڪا اٽڪل 8 ڏهاڪن کان پاڪستانين سميت سمورن ماڻهن ڏني آهي.










