اسلام آباد- 23 جون (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت جي جسٽس حسن اظهر رضوي، وقتي چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. ترجمان مطابق حلف برداري جي تقريب ۾ جسٽس ڪريم خان آغا، جسٽس حسن اظهر رضوي کان وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف ورتو. تقريب وفاقي آئيني عدالت جي ڪراچي رجسٽري ۾ منعقد ٿي. واضح رهي ته چيف جسٽس امين الدين خان روس …
جسٽس حسن اظهر رضوي، وفاقي آئيني عدالت جي وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 جون (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت جي جسٽس حسن اظهر رضوي، وقتي چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. ترجمان مطابق حلف برداري جي تقريب ۾ جسٽس ڪريم خان آغا، جسٽس حسن اظهر رضوي کان وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف ورتو. تقريب وفاقي آئيني عدالت جي ڪراچي رجسٽري ۾ منعقد ٿي. واضح رهي ته چيف جسٽس امين الدين خان روس جي شهر سينٽ پيٽرز برگ ۾ سرڪاري دوري تي موجود آهي. جتي هو عالمي قانوني فورم ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. سندس غير موجودگي ۾ جسٽس حسن اظهر رضوي وقتي چيف جسٽس جا فرض انجام ڏيندو.











