اسلام آباد- 23 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 10400 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 32 هزار 2 سئو 36 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 10 هزار 400 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 32 هزار 2 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 9 هزار 360 رپين جي گهٽتائي …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 10 هزار 400 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 10400 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 32 هزار 2 سئو 36 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 10 هزار 400 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 32 هزار 2 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 9 هزار 360 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 78 هزار 345 رپين مان گهٽجي 3 لک 68 هزار 985 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 47 هزار 083 رپين مان گهٽجي 3 لک 38 هزار 575 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 487 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6664 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 438 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 5641 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4202 ڊالرز کان گهٽجي 4098 ڊالرز ٿي وئي.











