پاڪستان، فوج، عدالتن ۽ ادارن خلاف ڳالهائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي: سردار اياز صادق

اسلام آباد - 23 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق مخالف ڌر جي اڳواڻ جي بيانئي کي رد ڪندي واضح ڪيو ته ايوان ۾ پاڪستان جي مخالفت، پاڪ فوج يا عدليه خلاف ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه جي اجازت نه ڏني ويندي. ايوان ۾ خطاب ڪندي اسپيڪر وزيراعظم پاڪستان جي موجودگي ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جي …

اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق مخالف ڌر جي اڳواڻ جي بيانئي کي رد ڪندي واضح ڪيو ته ايوان ۾ پاڪستان جي مخالفت، پاڪ فوج يا عدليه خلاف ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه جي اجازت نه ڏني ويندي. ايوان ۾ خطاب ڪندي اسپيڪر وزيراعظم پاڪستان جي موجودگي ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جي سلامتي جي ادارن ۽ ملڪي مفادن جو تحفظ ڪرڻ کي آئين ٽوڙڻ چيو ويندو آهي، ته هو ايئن آئين بار بار ٽوڙڻ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته اوهان کي پاڪستان جي مخالفت ۾ هتي ڳالهائڻ نه ڏيندس، اوهان کي پاڪ فوج ۽ عدليه خلاف ڳالهائڻ جي هرگز اجازت نه هوندي. اسپيڪر مخالف ڌر جي ماضي وارن بيانن جو حوالو ڏيندي ياد ڏياريو ته ٻاهر بيهي هر گهر مان فوج ٺاهڻ ۽ پاڪستان بدران افغانستان کي ترجيح ڏيڻ جهڙن بيانن جي هن ايوان ۾ ڪا به گنجائش ناهي. هن چيو ته جڏهن ميمبرن کي مقرر وقت کان ٻيڻو وقت ڏئي تقريرون ڪرڻ ڏنيون ويون، تڏهن ته انهن کي ئي پارليامينٽ غير قانوني نظر نه آئي، پر هاڻي هو پارلياماني ڪميٽين جي اجلاسن جو بائيڪاٽ ڪري رهيا آهن. مخالف ڌر جي موجوده حڪمت عملي تي ڇوهه ڇنڊيندي اسپيڪر جو چوڻ هو ته مخالف ڌر هن وقت مڪمل طور تي اسٽيٽ آف ڪنفيوزن جو شڪار آهي ۽ کين پاڻ ئي خبر ناهي ته هو ڇا چاهين. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جتي پاڪستان جي سلامتي ۽ مفادن جي ڳالهه ايندي، پورو ملڪ ۽ ايوان هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل نظر ايندا.

مزید خبریں