اسلام آباد - 23 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ، آئين جي بالادستي ۽ قومي ادارن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ حڪومت کي غير مشروط تعاون جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس دوران ڳالهائيندي هن واضح ڪيو ته ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ امن …
محمود خان اچڪزئي پاران ملڪ، آئين ۽ ادارن جي استحڪام لاءِ حڪومت کي غير مشروط تعاون جي خاطري

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ، آئين جي بالادستي ۽ قومي ادارن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ حڪومت کي غير مشروط تعاون جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس دوران ڳالهائيندي هن واضح ڪيو ته ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ امن لاءِ مخالف ڌر حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. هن وزيراعظم شهباز شريف کي مخاطب ٿيندي واضح لفطن ۾ چيو ته ملڪ ۽ پارليامينٽ جي طاقت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اسان هر ممڪن تعاون لاءِ تيار آهيون. هن اعلان ڪيو ته هن هائوس (پارليامينٽ) جي طاقت ۽ پاڪستان لاءِ جيڪا به سپورٽ گهرجي، اسان پاران اها سپورٽ غير مشروط آهي، اسان کي نه ڪو پيسو گهرجي ۽ نه ئي ڪا پرمٽ، اوهان بسم الله ڪيو ۽ پارليامينٽ کي مضبوط بڻايو. مخالف ڌر جي اڳواڻ، وزيراعظم شهباز شريف جي گذريل بيان ”پاڪستان آهي ته اسان آهيون“ جي 100 سيڪڙو تائيد ڪندي چيو ته اها ڳالهه بلڪل درست آهي. هن چيو ته پاڪستان آسمان ۾ لٽڪيل ڪا شي ناهي پر پاڪستان نالو آهي، سنڌ، بلوچستان، پشتونخوا، سرائيڪي علائقي، پنجاب ۽ ڪشمير جو، جڏهن انهن سمورن علائقن ۾ خوشحالي، امن امان ۽ انصاف هوندو ته پاڪستان مضبوط ٿيندو. هن هڪ اهڙي جمهوري پاڪستان جي وڪالت ڪئي جتي آئين ۽ قانون جو احترام هجي، عدليه، پارليامينٽ ۽ سمورا ادارا پنهنجي پنهنجي آئيني دائره ڪار (فريم) ۾ رهي ڪم ڪن ۽ پارليامينٽ ئي اندروني ۽ ٻاهرين پاليسي جو اصل سرچشمو هجي. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ کي جمهوري انداز ۾ هلايو وڃي، جتي ڪمزور کي جيئڻ جو حق ۽ کاڌو ميسر هجي، ته اهڙو پاڪستان قيامت تائين زنده ۽ قائم رهندو. هن حڪومت تي زور ڀريو ته ماضي جي غلطين مان سکي سمورين قومن کي ساڻ کڻي هلجي ته ملڪ دشمن عنصرن کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي.











