اسلام آباد - 23 جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ عالمي دهشتگردي جي خاتمي بابت گڏيل ورڪنگ گروپ جو 12هون اجلاس اڱاري ڏينهن ٿيو. ڳالهه ٻولهه جي قيادت پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري سفير محمد خالد خان جمالي ۽ روسي فيڊريشن جي نائب پرڏيهي وزير متري ليوبنسڪي ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ خطي کي درپيش دهشتگردي جي خطرن تي تفصيلي …
پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ عالمي دهشتگردي جي خاتمي بابت گڏيل ورڪنگ گروپ جو 12هون اجلاس
اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ عالمي دهشتگردي جي خاتمي بابت گڏيل ورڪنگ گروپ جو 12هون اجلاس اڱاري ڏينهن ٿيو. ڳالهه ٻولهه جي قيادت پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري سفير محمد خالد خان جمالي ۽ روسي فيڊريشن جي نائب پرڏيهي وزير متري ليوبنسڪي ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ خطي کي درپيش دهشتگردي جي خطرن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن ۾ خاص طور تي افغانستان مان جنم وٺندڙ دهشتگردي ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن ۽ وسيع تر علائقائي سلامتي امڪاني اثرن تي ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي وفدن دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمز، خاص طور تي گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي امڪانن تي پڻ غور ڪيو.











