اسلام آباد- 23 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته حج 2027ع جي رجسٽريشن جي شروعات جي پهرين 20 ڪلاڪن ۾ 20 هزار 124 ماڻهو آن لائن رجسٽريشن مڪمل ڪرائي ورتي آهي، جڏهن ته 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهن آن لائن پورٽل تي پنهنجا اڪائونٽ ٺاهيا آهن. اڱاري ڏينهن هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته نيشنل آءِ ٽي بورڊ جي مدد سان حج آپريشن …
ويهن ڪلاڪن ۾ 20 هزار ماڻهن حج 2027ع جي آن لائن رجسٽريشن مڪمل ڪرائي: مذهبي معاملن واري وزارت جو ترجمان

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته حج 2027ع جي رجسٽريشن جي شروعات جي پهرين 20 ڪلاڪن ۾ 20 هزار 124 ماڻهو آن لائن رجسٽريشن مڪمل ڪرائي ورتي آهي، جڏهن ته 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهن آن لائن پورٽل تي پنهنجا اڪائونٽ ٺاهيا آهن. اڱاري ڏينهن هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته نيشنل آءِ ٽي بورڊ جي مدد سان حج آپريشن پيپرليس ۽ اينڊ ٽو اينڊ ڊجيٽلائز ڪيو ويو آهي. آن لائن پورٽل ۽ پاڪ حج موبائل ايپ ذريعي رجسٽريشن جو عمل نهايت آسان بڻايو ويو آهي، رجسٽريشن جي شروعات ٿيندي ئي پهرين 24 ڪلاڪن ۾ 20 هزار 124 ماڻهن آن لائن حج رجسٽريشن مڪمل ڪئي ۽ 24 ڪلاڪن ۾ 30 هزار کان وڌيڪ صارفين يوزر اڪائونٽ ٺاهيو. حج 2027ع جي آن لائن رجسٽريشن سرڪاري ۽ پرائيوٽ سمورن حاجين لاءِ لازمي آهي. درخواست گذارن کي فيملي گروپ ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پري رجسٽريشن جي وقت ڊجيٽل تصوير، سڃاڻپ ڪارڊ يا ب فارم هجڻ ضروري آهي، ڪارآمد پاڪستاني پاسپورٽ جو شرط ايندڙ مرحلي تي لازمي هوندو.










