اسلام آباد- 23 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ بندي معاهدي ۾ پاڪستان جي ثالثي واري ڪردار کي تاريخي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو آهي ته سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندڙ اهم اڳڀرائي سان عالمي امن قائم ٿيندو، ملڪ جي حقيقي ترقي چئني صوبن جي برابر ترقي سان ڳنڍيل آهي. هو اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائي رهيو هو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته …
سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندڙ اهم اڳڀرائي سان عالمي امن قائم ٿيندو، ايران جو صدر پاڪستان جي دوري تي پهچي رهيو آهي، ملڪ جي حقيقي ترقي چئني صوبن جي برابر ترقي سان ڳنڍيل آهي، جيستائين چارئي صوبا ترقي نه ڪندا تيسين اُن کي پاڪستان جي ترقي نٿو چئي سگهجي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو قومي اسيمبلي ۾ خطاب

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ بندي معاهدي ۾ پاڪستان جي ثالثي واري ڪردار کي تاريخي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو آهي ته سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندڙ اهم اڳڀرائي سان عالمي امن قائم ٿيندو، ملڪ جي حقيقي ترقي چئني صوبن جي برابر ترقي سان ڳنڍيل آهي. هو اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائي رهيو هو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مُون مخالف ڌر اڳواڻ جي سامهُون ڪجهه تجويزون پيش ڪرڻ ٿي چاهيُون، پر هو هن وقت ايوان ۾ نه آهي. هن چيو ته اڄ وري هڪ تاريخي ڏينهن آهي، جڏهن ٻه ڏينهن اڳ برگن اسٽاڪ (سوئٽزرلينڊ) ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڪُجهه ڏينهن اڳ ٿيل مفاهمت جي يادداشت جي سلسلي ۾ ٻنهي مُلڪن جي قيادت اُتي پهتي جنهن تي پاڪستان به ثالث طور تي صحيحُون ڪيُون هُيُون. الحمدالله، پاڪستان اُتي وڏي خلوص ۽ وڏي جفاڪشي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فاصلن کي گهٽائڻ لاءِ پنهنجُون ڀرپُور ڪوششون ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ ڏينهن رات ڳالهين جو سلسلو هلندو رهيو. آخرڪار، صبح جي تقريبن اڍائي وڳي هڪ گڏيل بيان تيار ڪيو ويو، جنهن جي سڀني ڌرين توثيق ڪئي. هن چيو ته اڄ الحمدالله، الله تعاليٰ جي فضل سان، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ نه رڳو جنگ بندي ٿي آهي، پر ايندڙ 60 ڏينهن ۾ ٽيڪنيڪل ڳالهيون ٿينديون جن ۾ اهم معاملن تي ڳالهيُون ٿينديُون. اسان کي پوري اميد آهي ته انشاالله اها مفاهمت جي يادداشت 60 ڏينهن اندر هڪ پائيدار معاهدي ۾ تبديل ٿي ويندي، جنهن سان دنيا ۾ امن قائم ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق کي مخاطب ٿيندي چيو ته اڄ آئُون توهان کي، مخالف ڌر اڳواڻ کي، هن ايوان ۾ موجود سڀني ميمبرن ۽ پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو، ڇوته هِن جنگبندي جي عمل ۾ پاڪستان جيڪو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي اهو نه رڳو تاريخي آهي، پر دنيا جي وڏين ناليوارين اخبارن، چاهي اها واشنگٽن پوسٽ هجي، فنانشل ٽائمز هجي يا نيو يارڪ ٽائمز هُجي سڀني پنهنجي مُکيه صفحن تي پاڪستان جي هن ڪردار کي اجاگر ڪيو آهي. هتي موجود ميمبر ان ڳالهه جي توثيق ڪندا ته پاڪستان جي حوالي سان اهو جيڪو مثبت بيانيو ۽ عزت سامهون آئي آهي، اسان جيڪڏهن اربين رپيا خرچ ڪريُون ها تڏهن به اها حاصل نه ڪري سگهُون ها. مُون چاهيو ٿي ته اهي ڳالهيون مخالف ڌر اڳواڻ جي سامهون ڪريان پر آئُون اڳيان وڌان ٿو. مون کي اهو وڏي خوشي سان اهو ٻڌائڻو آهي ته اڄ الحمدالله، ايران جو صدر ۽ منهنجو تمام پيارو ڀاءُ ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان پاڪستان جي دوري تي پهچي رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته، ” شهباز شريف ان ڏينهن جيڪا تقرير ان ۾ مزو نه آيو.” ۽ هن هتي پنهنجي ڊيسڪ وڄائڻ تي به ڳالهه ڪئي. مُون جيڪڏهن ڊيسڪ وڄائي ته انهن سچن جذبن تحت وڄايو ته اڄ پاڪستان ۾ يڪجهتي ۽ صوبن جي وچ ۾ هم آهنگي پيدا ٿي رهي آهي ۽ پاڪستان کي جيڪا عزت ملي آهي اها الله تعاليٰ جو وڏو فضل ۽ ڪرم آهي، جنهن جو جيترو به شُڪر ڪيو وڃي اُهو ٿورو آهي. مون انهيءَ جذباتي انداز ۾ ان حوالي سان ڳالهه ڪئي هُوندي. جيستائين بلوچستان تي وسيلن جي خرچ جو تعلق آهي ته توهان منهنجي تقرير جو رڪارڊ ڪڍي ڏسي وٺو. مون چيو هو ته چئني صوبن اين ايف سي ايوارڊ ۾ رضاڪاراڻا طور تي بلوچستان جي وسيلن جو حصو 100 سيڪڙو وڌايو. چئني صوبن خوشي سان اهو فيصلو ڪيو ۽ اسان کي تمام گهڻي خوشي آهي. منهنجا لفظ اهي هئا ته پنجاب، ٻين صوبن سان گڏجي ان مقصد لاءِ ساليانو 11 ارب رپين جو حصو وجهي رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ اڄ جيڪا ڳالهه چئي اها حقيقتن جي ابتڙ آهي. مون سدائين اهو چيو آهي ته جيڪڏهن صرف پنجاب ترقي ڪري ٿو ته اها پاڪستان جي ترقي نه آهي، جيڪڏهن صرف سنڌ صوبو ترقي ڪري ٿو ته اها به پاڪستان جي ترقي ناهي، جيستائين چارئي صوبا ترقي جي هن ڊوڙ ۾ برابر شريڪ نه ٿيندا، اها پاڪستان جي ترقي نٿي چورائي سگهي. مون ڪيترائي ڀيرا اها ڳالهه چئي آهي، پر اڄ انهن ان کي مختلف رنگ ڏنو جنهن جو مُون کي افسوس آهي. بهرحال هي انهن جي پنهنجي ذهني سوچ آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته توهان 2018ع جي چُونڊن جي جاچ ڪري وٺو، ڇا اُنهن چونڊن ۾وڏي جادوگري نه ٿي هئي؟ ڇا بيلٽ باڪس نه ڀريا ويا هئا؟ ڇا ماڻهن کي پٽا پارائي اسلام آباد نه آندو ويو ۽ ڌمڪيُون نه ڏنيُون ويُون هُيُون؟ توهان 2018ع جُون چُونڊُون کڻي ڏسو، جيڪڏهن اها هڪ قانوني ۽ آئيني حڪومت هئي ته پوءِ هي به هڪ جائز ۽ قانوني حڪومت آهي، جيڪڏهن هنن کي جاچ جو وڏو شوق آهي ته پوءِ شروعات 2018ع کان ڪريون ٿا، ان کانپوءِ اسان 2024ع جي چونڊن جي جاچ تي به اچي وڃُون ٿا. ڳالهه نڪتي ته پوءِ گهڻو پري تائين ويندي، آئُون پنهنجي ڳالهه اتي ئي ختم ڪريان ٿو. اچو ته اڄ ايران جي صدر جو ڀرپُور ۽ شاندار استقبال ڪرڻ جي لاءِ اسان کي تياري ڪرڻ گهُرجي، نه وري اسان اڄ جي ڏينهن انهن تڪرارن ۾ ڦاسُون.











