نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ جي ملاقات

اسلام آباد - 22 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سومر ڏينهن پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد جي حوالي سان ٿيندڙ اعلى سطحي ڳالهه ٻولهه جي اڳڀرائي کان چيني سفير کي آگاهه ڪيو. هن پنهنجي قاهره جي تازي دوري جو …

اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سومر ڏينهن پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد جي حوالي سان ٿيندڙ اعلى سطحي ڳالهه ٻولهه جي اڳڀرائي کان چيني سفير کي آگاهه ڪيو. هن پنهنجي قاهره جي تازي دوري جو پڻ ذڪر ڪيو جتي هن مصر، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن سان گڏ آر – 4 علائقائي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان اجلاس جو مقصد ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۽ مسئلن جي پرامن حل جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ هو. پاڪستان جي امن ڪوششن جي لاءِ چين جي مستقل حمايت کي ساراهيندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير امن عمل ۾ چين جي اهم ڪردار خاص طور تي صدر شي جن پنگ جي چار نقاطي تجويز ۽ چين – پاڪستان پنج نقاطي قدم کي ساراهيو. چيني سفير ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ پاڪستان جي ڪامياب ڪردار کي ساراهيندي خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ثالثي جي ڪوششن جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سمورن حل طلب مسئلن جي پرامن حل جي لاءِ مسلسل سفارتي رابطا ۽ ڳالهه ٻولهه لازمي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير امن، استحڪام ۽ گڏيل ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ چين سان مسلسل مشاورت ۽ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هر موسم ۾ قائم اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.