سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان سان ثنا الله بلوچ جي ملاقات

اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان سان نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ، اڳوڻي سينيٽر ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر ثنا الله بلوچ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران بلوچستان جي مجموعي سياسي صورتحال، ترقياتي ترجيحن ۽ عوامي ڀلائي سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪرٽريٽ مطابق ٻنهي اڳواڻن، بلوچستان کي درپيش چئلنجز، صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي، …

اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان سان نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ، اڳوڻي سينيٽر ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر ثنا الله بلوچ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران بلوچستان جي مجموعي سياسي صورتحال، ترقياتي ترجيحن ۽ عوامي ڀلائي سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪرٽريٽ مطابق ٻنهي اڳواڻن، بلوچستان کي درپيش چئلنجز، صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي، سياسي استحڪام ۽ عوامي مسئلن جي حل جي مختلف رُخن تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته بلوچستان جي پائيدار ترقي، خوشحالي ۽ امن لاءِ سمورن لاڳاپيل ماڻهن کي گڏيل ڪوششون ڪتب آڻڻيون پونديون. ڊپٽي چيئرمين چيو ته بلوچستان، پاڪستان جو اهم ترين صوبو آهي جنهن جي ترقي ۽ استحڪام قومي ترقي لاءِ اڻٽر آهي. هن چيو ته عوام کي درپيش مسئلن جي حل، روزگار جي موقعن جي فراهمي، تعليم، صحت ۽ بنيادي ڍانچي جي بهتري لاءِ اجتماعي ۽ مخلصاڻي ڪوششن جي ضرورت آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته بلوچستان جي عوام جي مسئلن کي هر فورم تي اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪندا رهنداسين. ثنا الله بلوچ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين کي بلوچستان جي عوام لاءِ خدمتن ۽ پارلياماني فورمز تي صوبي جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪاوشن کي ساراهيو.