اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت 9 ۽ 10 محرم الحرام 1448 هجري (عاشوره) جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي. ڪابينا ڊويزن طرفان سومر ڏينهن جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن مطابق وزيراعظم، 25 ۽ 26 جون 2026ع ( خميس ۽ جمعي) تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نوٽيفيڪيشن مطابق اها موڪل انهن سمورن سرڪاري آفيس ۽ ادارن ۾ …
عاشوره جي موقعي تي وفاقي حڪومت پاران 25 ۽ 26 جون تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت 9 ۽ 10 محرم الحرام 1448 هجري (عاشوره) جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي. ڪابينا ڊويزن طرفان سومر ڏينهن جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن مطابق وزيراعظم، 25 ۽ 26 جون 2026ع ( خميس ۽ جمعي) تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نوٽيفيڪيشن مطابق اها موڪل انهن سمورن سرڪاري آفيس ۽ ادارن ۾ هوندي جتي هفتي ۾ 5 ڏينهن ڪم ٿيندو آهي ۽ انهن ۾ به جتي هفتي ۾ 6 ڏينهن ڪم ڪرڻ جو طريقيڪار لاڳو آهي. ڪابينه ڊويزن، ان سلسلي ۾ سمورين وزارتن، ڊويزنن، صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل کاتن کي باقاعده ڪاپيون موڪليو ويون آهن ته جئين حڪمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي.











