اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) ملڪ جي اڪثر شهرن ۽ علائقن ۾ گذريل هفتي دوران سيمينٽ جي رٽيل قيمت ۾ استحڪام رهيو. پي بي ايس جي انگن اکرن مطابق گذريل هفتي دوران ملڪ جي اترئين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي قيمت 1488 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.86 سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل هفتي ملڪ جي اترئين شهرن ۽ علائقن …
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ گذريل هفتي دوران سيمينٽ جي رٽيل قيمت ۾ استحڪام
اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) ملڪ جي اڪثر شهرن ۽ علائقن ۾ گذريل هفتي دوران سيمينٽ جي رٽيل قيمت ۾ استحڪام رهيو. پي بي ايس جي انگن اکرن مطابق گذريل هفتي دوران ملڪ جي اترئين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي قيمت 1488 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.86 سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل هفتي ملڪ جي اترئين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي رٽيل قيمت 1501 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي هئي. ساڳئي طرح گذريل هفتي دوران ملڪ جي ڏاکڻين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري رٽيل قيمت 1533 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.20 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل هفتي ۾ ملڪ جي ڏاکڻين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي رٽيل قيمت 1530 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي هئي. انگن اکرن مطابق گذريل هفتي دوران اسلام آباد ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي رٽيل قيمت 1449، راولپنڊي 1465، سيالڪوٽ ۾ 1520، لاهور ۾ 1552، فيصل آباد ۾ 1500، پشاور ۾ 1433 رپيا ۽ بنون ۾ 1370 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي. ساڳئي طرح گذريل هفتي دوران ڪراچي ۾ سيمينٽ جي في ٻوري قيمت 1468، حيدرآباد 1517، سکر 1600، لاڙڪاڻو 1500، ڪوئيٽا 1510 ۽ خضدار ۾ 1600 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي.












