اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو. بلوم برگ مطابق سومر ڏينهن برينٽ ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 1.35 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 79.22 ڊالر ۽ آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 0.50 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 75.35 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. سون …
عالمي مارڪيٽن ۾ ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان
اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو. بلوم برگ مطابق سومر ڏينهن برينٽ ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 1.35 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 79.22 ڊالر ۽ آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 0.50 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 75.35 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. سون جي قيمت 41.66 ڊالر جي اضافي کانپوءِ 4197 ڊالر جي اونس، جڏهن ته چاندي جي قيمت 0.23 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 66.57 ڊالر ٿي وئي، مڪئي ۽ ڪڻڪ جي قيمت ۾ گهٽتائي جڏهن ته ڪاٽن جي قيمت ۾ اضافو ٿيو.












